چانڊڪا اسپتال ۾وئڪسين نه لڳائڻ تان جهيڙو، نانگ ڪکيل تپيدار، ڌرڻو

لاڙڪاڻو (ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي او پي ايف ڪالوني ۾ نانگ تپيدار ڪفايت ڪيهر کي  ڪکي وڌو، جنهن کي وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال داخل ڪرايو، جتي تپيدار جو بهتر علاج نه ٿيڻ تي وارثن ڊاڪٽرن ۽ عملي سان منهن ماري ڪئي ته ڇڪتاڻ وڌي وئي، ڌرين  هڪ ٻئي مٿان لتن ۽ مُڪن جو وسڪارو لائي ڏنو . مريضن جي رڙين تي ايم ايس  پوليس کي گهرائي  تپيدار کي گرفتار ڪرايو.پوليس زخمي تپيدار کي ٿاڻي تي کڻي وئي، جتي هو بيهوش ٿي ويو، جنهن دوران پوليس اهلڪارن ۾ ٿرٿلو پئجي ويو ۽ انهن تپيدار کي بيهوشي واري حالت ۾ ٻيهر ساڳي ئي اسپتال منتقل ڪيو، جتي کيس طبي امداد ڏئي هوش ۾ آندو ويو. ان موقعي تي تپيدار ڪفايت ڪيهر جو چوڻ هو ته نانگ جي ڪکڻ سبب  کيس اسپتال آندو ويو، جتي منهنجي حالت خراب ٿيڻ باوجود عملو ۽ ڊاڪٽر بهتر علاج نه ڪري رهيا هئا، شڪايت جو ازالو ڪرڻ بدران ايم ايس پوليس گهرائي گرفتار ڪرائي ڇڏيو. ٻئي پاسي واقعي خلاف ڊاڪٽرن ۽ عملي هڙتال ڪري اسپتال ٻاهران ڌرڻو هنيو، جتي هنن جهيڙي ۾ ملوث ماڻهن جي گرفتاري سميت ڊاڪٽرن ۽ عملي کي تحفظ ڏيڻ جي گهر ڪئي. هوڏانهن لاڙڪاڻو شهري اتحاد جي صدر نياز ابڙو ۽ ٻين وچ ۾ پئي چانڊڪا اسپتال جي ايم ايس  ڊاڪٽر گلزار تنيو سميت پي ايم اي ۽ پيرا ميڊيڪل اڳواڻن سان ڳالهيون ڪيون، جنهن ۾ معافي تلافي بعد معاملي کي حل ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.