مهانگائي ۾ واڌ ۽ حڪمرانن جي خاموشي

تحرير: غلام حسين جوڻو

اسان جي پياري ملڪ پاڪستان ۾ ، جيڪا به شيءِ هڪ دفعو مهانگي ٿي آهي  سا، وري سستي ڪونه ٿي آهي. پوءِ ڀلي ڪيتريون ئي ڪوششون ڪيون وڃن. حيلا هلايا وڃن. احتجاج ڪيا وڃن ۽ هڙتالون ٿين. پر، سستائي ٿيڻ جو سوال ئي ڪونه ٿو پيدا ٿئي. ان جو مثال اکين آڏو آهي. اڳوڻي حڪومت يعني عمران خان جي دور جي ڳالهه آهي ته ، شين جي اگهن ۾ روزانو واڌ ڪئي پئي ويئي. شين جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا هئا. خاص ڪري کاڌي پيتي جون شيون روز مهانگيون ٿيون پئي. جيڪي غريب طبقي جي خريد ڪرڻ جي وس کان گهڻو مٿي هيون. ڪيترين ئي شين جي کوٽ به پيدا ٿي چڪي هئي. جنهن ڪري عوام الناس ڏاڍو پريشان ٿي پيو هو. عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو هو. غريب ماڻهو سراپا سورن ۾ نظر آيو پئي ۽ سندن ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويا هئا. ان حالت ۾ انهن جو گذران ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو هو.

هڪ طرف مهانگائي جي ڪري ، ملڪ ۾ غربت جي شرح ۾ اضافو ٿيو پئي. غريبن جي چيلهه چٻي ٿي پئي هئي. جنهن ڪري عوام ، عمران خان تي تنقيد ڪري رهيو هو ۽ بيزاري ڏيکاري رهيو هو. ٻئي طرف ملڪ ۾ ، مخالف سياسي طاقتون به گڏ ٿينديون ويون. هڪ پليٽ فارم تي گڏجي هڪ اتحاد ٺاهيو ويو. جنهن جو نالو “پي ڊي ايم” رکيو ويو. ان اتحاد ۾ ، پاڪستان پيپلز پارٽي (زرداري گروپ) ، مسلم ليگ (ن) ۽ جمعيت العلماءِ اسلام (فضل الرحمان) کان علاوه ٻيون به ڪيتريون ئي ننڍيون پارٽيون شامل ٿي ويون. جن مهانگائي جي خلاف واويلا مچائڻ شروع ڪئي. ۽ حڪومت جي خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو ويو. عوام کي چيو ويو ته ، مهانگائي روز بروز وڌندي پئي وڃي. عوام روڊن تي نڪري احتجاج ڪري. نتيجي ۾ هڪ ريلي به ڪڍي ويئي. جيڪا ڪراچي ، ڪوئيٽا ، لاهور، پشاور ۽ ملڪ جي ٻين علائقن ۽ شهرن کان شروع ٿي. ان ريلي جو رخ اسلام آباد جي طرف هو. هن مهانگائي مارچ ۾ هزارين ماڻهو شامل ٿيا ۽ سمورا ماڻهو ملڪ جي گادي واري هنڌ اسلام آباد ۾ گڏ ٿيا جتي اڳواڻن زوردار ۽ جوشيليون تقريرون ڪري عوام کي ڀڙڪايو ۽ جذبات کي اڀاريو. مقررين اها گهر ڪئي ته ، وڌندڙ مهانگائي تي ضابطو آندو وڃي ۽ عوام کي ڪو رليف ڏنو وڃي.

ان وقت ،سمورين سياسي ڌرين کي عوام جو وڏو لاچار ٿي پيو  هو. کين پنهنجا مفاد ياد ئي ڪونه رهيا هئا. اها هڪ وڏي ڪهاڻي آهي. جنهن جي باري ۾ هر هڪ ماڻهو ڀلي ڀت ڄاڻ رکي ٿو. تنهن هوندي به عوام کي ڪو به رليف ڪونه ڏنو ويو. قيمتن تي ضابطو به ڪونه اچي سگهيو. نتيجي ۾ عمران خان جي حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪيو ويو. اتحادي حڪومت وجود ۾ آئي. جيڪا هن وقت به موجود آهي ۽ عوام جي اهنجن تي لوڻ ٻرڪي رهي آهي. هن حڪومت به ڪو ٻوٽو ڪونه ٻاريو. شين جي قيمتن تي ضابطو آڻڻ ۾ مڪمل طرح ناڪامياب ٿي آهي. پر ويتر مهانگائي ڪئي اٿس. شين جي قيمتن ۾ اضافي ڪرڻ سان غريب عوام جو جيئڻ ئي ڏکيو ٿيندو پيو وڃي. خاص ڪري کاڌي پيتي جون شيون، اگهن جي لحاظ کان آسمان سان ڳالهيون ڪن پيون. اٽو ، گيهه ، کنڊ ، چانهه ، چانور ، داليون ، بسڪوٽ ، گرم مصالحه ، کير ، گوشت ، مڇي ۽ ڀاڄين وغيره جا اگهه ايترا ته وڌيا آهن. جو ، غريب ماڻهو خريد ڪري نه ٿو سگهي. روزانه اجرت تي ڪمائيندڙ پورهيت ۽ مزدور طبقو پنهنجي گهرن جو خرچ هلائڻ لاءِ ، پريشان ٿي ويا آهن. هو، ٻه ويلا ماني کائڻ لاءِ مجبور ، عاجز ۽ تنگ آهن. روزانه وڌندڙ ، مهانگائي کين خودڪشين ڪرڻ تي مجبور ڪندي ٿي رهي. پر، حڪومت غريب عوام الناس ڏانهن ڪو به ڌيان ڪونه ڏيئي رهي آهي. اتحادي حڪومت پاڻ ۾ ملي ڀڳت ۽ ڳٺ جوڙ ڪري مهانگائي تي خاموشي اختيار ڪئي آهي. عوام کي جيڪي اميدون هيون سي سموريون خاڪ ۾ ملي ويون آهن. جنهن ڪري هن حڪومت مان به آسرو ۽ اعتماد کڄندو پيو وڃي.

هن وقت ملڪ ۾ ، برسات جي تباهه ڪارين هر هڪ ماڻهو کي متاثر ڪيو آهي. ان کان علاوه درياءَ جي سيلاب به ماڻهن کي لڏ پلاڻ تي مجبور ڪيو آهي. خاص ڪري سنڌ صوبي ۾ حالتون خراب ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. اهڙي حالت ۾ ، واپارين موقعي جو ناجائز فائدو وٺندي هٿرادو اگهه مقرر ڪري ڇڏيا آهن. خاص ڪري ڀاڄيون ، گوشت ۽ مڇي جا اگهه وڌي ويا آهن. ٽماٽا 480 روپين ۾ ، بصر ٻه سئو روپين ۾ في ڪلو وڪرو ٿي رهيا آهن. ميها ، گوار ، ڀينڊيون ، توري ، پٽاٽا ۽ ٻيون سموريون ڀاڄيون مهانگيون ٿيون آهن. چيو پيو وڃي ته ، هن وقت جيڪي اگهه آهن سي گذريل حڪومت جي دور کان ٻيڻا ٿيا آهن. واپارين کان ڪو به پڇاڻو ڪونه ٿو ڪيو وڃي. اهڙي ڇڙواڳي جي ڪري هٿرادو اگهه مقرر ڪيا پيا وڃن ۽ عوام کي ٻنهي هٿن سان ڦريو پيو وڃي. جيڪڏهن اهو سلسلو ايئن برقرار رهيو ته اڃا وڌيڪ مهانگائي ٿيڻ جا امڪان ۽ خدشا آهن. هڪ طرف عام ماڻهو برسات ۽ ٻوڏ جو ستايل آهي ته ٻئي طرف وڌندڙ مهانگائي ويتر عوام جو جيئڻ ڏکيو ڪري وڌو آهي. ملڪ معاشي تباهي جي ور چڙهي ويو آهي. معاشي صورتحال سڌري ته ڪونه ٿي.. پر، مورڳو پوئتي ٿيندي پئي وڃي. حڪومت جيڪي پاليسيون اختيار ڪيون آهن تن مان لڳي ٿو ته عوام سک جو ساهه ڪونه کڻي سگهندو. غريب ، غريب ترين ٿيندو ويندو ۽ امير ، امير ترين ٿيندو ويندو.

موجوده حڪومت ، مهانگائي ڏانهن ڪو به توجهه ڪونه ٿي ڏيئي. صرف عمران خان جي خلاف بيان بازي ڪرڻ ۾ مصروف آهي. ان سلسلي ۾ ڪي خاص وزير ۽ مشير مقرر ڪيا ويا آهن جيڪي روزانه عمران خان نيازي جي خلاف بيان بازي واري مهم ۾ حصو وٺي رهيا آهن. باقي اتحادي حڪومت جو به سج لٿل آهي. عوام مهانگائي جي چڪي ۾ پيڙجي پيو ۽ مولانا فضل الرحمان ، آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري خاموشي اختيار ڪريو ويٺا آهن. جڏهن ته کين ماضي وسري ويو آهي. انهن سياستدانن مهانگائي جي آڙ ۾ هڪ وڏي ريلي ڪڍي عمران خان کي اقتدار ڇڏڻ لاءِ چيو هو. هاڻي سمجهه ۾ اچي ٿو ته اها هڪ سياسي چال هئي ۽ عوام کي بيوقوف بنايو ويو هو. هاڻ اقتدار ۾ پاڻ ويٺا آهن. عوام لاءِ ڪجهه ڪري ڏيکارين ۽ ڪجهه سستائي ڪن. عوام کي فائدو ڏيارين. موجوده حڪومت کي وجود ۾ آئي ڪيترائي مهينا گذري ويا آهن. پر، اڃا تائين ڪو به اگهن تي ضابطو ڪونه ڪيو اٿس. گئس، بجلي ۽ تيل جون قيمتون وقفي سان وڌايون پيون وڃن جن جو اثر ٻين شين جي اگهن تي به پوي ٿو ۽ انهن جي قيمتن ۾ به اضافو ٿيو وڃي. وزير اعظم پاڪستان جناب محمد شهباز شريف مهانگائي جي خلاف پنهنجا چپ به ڪونه ٿو چوري.، مهانگائي تي ضابطي آڻڻ لاءِ ڪي ٺوس قدم به ڪونه کڻي سگهيو آهي.

موجوده حڪومت کي گهرجي ته ، اهڙيون پاليسيون ۽ منصوبا بنديون ڪيون وڃن جيڪي عوام دشمن نه هجن جن سان عوام کي ڪو نقصان ٿئي يا معاشي بار پوي. سڀ کان پهريائين ڄاڻايل اگهن کي گهٽائي ، هتان جي رهواسين کي جيئڻ جي حق ڏيارڻ جي ضرورت آهي. جيئن هو پنهنجي زندگي سولائي سان گذاري سگهن. خدارا عوام جي بهتري ۽ فائدي لاءِ سوچيو. پنهنجي عياشين تي ٿيندڙ خرچ گهٽ ڪري ، عوام الناس کي رليف ڏيڻ لاءِ ڪا پاليسي متعارف ڪرايو ته جيئن غريب عوام بکن ۽ فاقن مان نڪري خوشحال ۽ آسودي زندگي گذاري سگهي. ٻئي حالت ۾ ايئن چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونه ٿيندو ۽ گذريل حڪومت ۽ موجوده حڪومت ۾ ڪو به فرق ڪونه آهي. ٻئي ڌريون هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.