نار ۾ آمريڪا جا سامونڊي ڊرونز سرگرم

آمريڪا ايران جي امڪاني سرگرمين جي نگراني لاءِ عمان جي نار ۾ ۽ ان جي آس پاس سامونڊي ڊرونز کي لڳائي رکيو آھي تازو ئي ايران اهڙيون ٻه ٻيڙيون ٿوري عرصي لاءِ پنهنجي تحويل ۾ بھ ورتيون ھيون.تازو ايران پاران بنا پائلٽ وارين آمريڪي ٻيڙين کي قبضي ۾ ورتو ھو جنھن سان ھن جي هڪ نئين ۽ اهم پروگرام تان پردو کڄي ويو آهي.

آمريڪي ڊپارٽمينٽ آف ڊفينس وسيع علائقن جي نگراني ڪرڻ لاءِ فضائي، سامونڊي مٿاڇري تي ترندڙ  ۽ پاڻيءَ جي اندر ھلندڙ ڊرونز جو نيٽ ورڪ وڇائي ورتو آھي.جيڪي مصنوعي ذهانت سان ليس هوندا آهن.ان پروگرام تحت عرب جي ٻيٽن جي ڀرپاسي ۾ سمنڊ  ۾گذريل ڪجهه سالن ڪيترا ئي بنا پائلٽ جهاز علائقي جي چر پر ۽ ان بابت انگ اکر گڏ ڪري ۽ انهن کي خليج ۾ واقع آمريڪي مرڪزن ڏانهن موڪلين ٿا. هن وقت تائين هن پروگرام جي باري ۾ وڌيڪ معلومات نه ملي سگهي آهي. ايراني انقلابي گارڊ فورسز 29 ۽ 30آگسٽ ۽ 1 سيپٽمبر تي ٻن واقعن ۾ ٽن ستن  ميٽرن  ڊگھن  ”سيلڊرون ايڪسپلورر يو ايس ويز“ کي قبضي ۾ ورتو ھو.جن کي آمريڪي هيلي ڪاپٽر ۽ جهاز جي مداخلت کانپوءِ آزاد ڪيو ويو.

ايران جي مطابق، يو ايس يو ايس ويز بين الاقوامي شپنگ لين ۾ هئا ۽ ‘ممڪن حادثن کي روڪڻ  جي مقصد سان روڪيا ويا ھئا. يو ايس نيوي جواب ڏنو ته يو ايس ويز شپنگ لين کان ٻاهر ڪم ڪري رهيا هئا ۽ بنا هٿيارجي ھئا.ڊرونز کي بحرين ۾ قائم يو ايس نيوي جي ففٿ فليٽ جي ٽاسڪ فورس 59 جي ذريعي  هلايو وڃي ٿو.عمان جي نار ۾ اهي ڊرون معلومات گڏ ڪن ٿا ته جيئن ڀر وارن سمنڊن جي چر پر کان واقفيت رھي.سمجھيو ٿو وڃي تھ اصل ھدف ايران آھي.

ھوڏانھن ايراني ٻيڙيون پڻ علائقي ۾ گشت ڪن ٿيون ۽ تهران حڪومت ڪجھھ سالن ۾ ڪيترن ئي غير ملڪي واپاري جهازن تي الزام ھنيو آھي ۽ انھن کي  ضبط ڪيو آهي .

ايران ۽ آمريڪا ھن علائقي ۾ ھڪ ٻئي خلاف سرگرم آھن.چيو ٿو وڃي تھ آمريڪي بحريه ايران کي يمن جي حوثي باغين ۽ ٻين گروپن کي هٿيارن جي فراهمي کان روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.