سامونڊي پٽي ۾ ٻوڏ ۽ بيماريون

تحرير: الياس سمون

ھلندڙ برساتن  ۽ ٻوڏ کان پوءِ  ڪيٽي بندر ۽ تعلقي گھوڙاٻاري جي ساحلي پٽي ڪچي واري علائقي جي ٻيھر ٻڏڻ سان گڏ ٺٽي ضلعي جي جابلو علائقي سميت ساڪرو سميت سڄي علائقي ۾ انسان توڙي جانورن چوپائي مال ۾ مختلف قسمن جون بيماري پکڙجي وڃڻ ڪري وڏي تعداد ۾ مال مرڻ لڳو آھي جنھن ڪري مالوند ماڻھن کي لکين روپين جي نقصان کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي وٽنري ڊاڪٽر  سميت ٻيا ڊاڪٽر گھر ويٺي پگھارون کڻڻ ٿا ۽ ھر مھيني جانورن کي بيمارين کان بچائڻ لا۽ ملندڙ لکين روپين جون سرڪاري دوائون  وٽنري ڊاڪٽر ھڙپ ڪندا رھن ٿا ڪير به پڇڻ وارو ناهي ڪو ڊاڪٽر ڪنهن جو ماڻهو ته ڪو ڪنھن جو سمورن ڊاڪٽرن جي سياسي بنيادن تي ورھاست ٿيل آهي

جنھن سبب ڄاڻايل وٽنري ڊاڪٽر پنھنجو گھر سائو ڪري  ويٺل آهن ،مسڪين ڀاڳين جي مال ۾ بيماري ۾ مبتلا ٿيڻ ۽ مال مرڻ سبب سندن لکين روپين جو نقصان ٿيڻ ڪري مسڪين ماڻھو پريشانين ۾  وڪوڙجي ويا آھن، جڏھن ته سرڪاري دوائون نه ملڻ ۽ مال جو علاج نه ٿيڻ ڪري غريب مسڪين ماڻھو ٻيو مال  اڌ رقم ۾ کپائي رھيا آھن سندن مال جو علاج ڪرائي رھيا آھن ، جيئن ته مالوند ماڻھن جي ٻچن جي پيٽ گذر جو ذريعو  ھڪ زراعت ۽ ٻيو مال تي آھي

برساتن سبب زراعت ته مڪمل تباھ ٿي وئي آھي جنھن کان پوءِ سندن گذر سفر جو واحد ذريعو ھاڻ چوپايو مال رھيو آھي سو به وٽنري ڊاڪٽر جي لاپرواھي ۽ لاغرضي سبب اھو به بيمارين جي ورچڙھي وڃڻ ڪري مرڻ لڳو آھي جنھن ڪري سندن ٻچن جي پيٽ جو گذر مشڪل بڻجي ويندو پيو رھي.

گذريل  ھڪ ئي ڏينھن گھوڙاٻاري ڪيٽي بندر ساڪرو کاروڇاڻ جي سمورن ڳوٺن ۾ مختلف قسمن جون بيماريون پکڙجي ويون آهن ڀاڳين جا وٿاڻ خالي ٿي ويا آهن. ھزارين جانور جن ۾ ڳئون ميھن رڊون ٻڪريون شامل آهن، لاڳيتن برساتن سبب سمورين شاخن ۾ برساتي گندو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري سامونڊي پٽي ۾ پاڻيءَ جي ڪلت سان گڏ مختلف قسم جي بيمارين جنم ورتو آهي جنھن سبب انساني زندگي پڻ مفلوج بڻجي چڪي آهي مينھيون ۽ ٻڪريون وڏي مقدار ۾ بيمارين سبب مري رھيون آهن ھڪ ئي ڏينھن سامونڊي پٽي تي ھڪ سئو کان وڌيڪ چوپايو مال مرڻ جي رپورٽ ملي آهي

مال مرڻ ۽ بيمار رهڻ جا ھزارين ڪيس رپورٽ ٿيا آهن پر ھيل تائين انتظاميا جي ڪن تي واهه ئي ناهي

بيماري ۾ ورتل ھجڻ ڪري ھيل تائين ڪافي ڀاڳيا پريشان آهن ھڪ ئي ڏينھن اندر  لکن جو نقصان ٿي ويو آهي نه ڊاڪٽر نه دوا نه ڪو ڊي سي ٺٽو جو نوٽيس ڇو ته سب ماڻهو ورھايل آھن ڪير به ڪنهن جي ڪم ۾ مداخلت نٿو ڪري سگهي جنهن سبب عام ماڻهو جو وڏي پيماني تي نقصان ٿي رهيو آهي

جيڪڏهن ڊي سي ٺٽو ھن معاملي جو نوٽيس وٺي ته ڪافي ماڻهو نقصان کان بچي ويندا ھن وقت چوپايو مال مرڻ سبب وڏو نقصان ٿي رهيو آهي ھر عام ماڻهو نقصان کي منھن ڏي پيو  مالوند ماڻھن سنڌ سرڪار ۽ وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو آھي ته هاڻوڪين تيز برساتن سبب تعلقي ڪيٽي بندر، کاروڇاڻ، ساڪرو ۽ گھوڙاٻاري ۾ تباھي مچائيندڙ برساتن سبب  بيھندڙ گندي پاڻيءَ مان مختلف قسمن جي بيمارين منھن ڪڍيو آهي جنهن سبب مرندڙ مال جي سروي ڪرائي وڃي. لکين روپين جي دوائن ۾ ھيراڦيري ۽ غبن ڪندڙ وٽنري ڊاڪٽر خلاف قانوني ڪارروائي ڪري

سندن نقصان جو ازالو ڪيو وڃي ته جيئن سفيد پوش ماڻھو پنھنجي پيرن تي بيھي ڪنھن جي اڳيان ھٿ ٽنگڻ تي مجبور نه ٿين ۽ ۾ مبتلا جانورن جو اعلاج ڪرائي ڏنو وڃي.

ھوڏانھن مختلف بيمارين سبب انساني زندگي پڻ داءُ تي لڳل آهي سموري علائقي ۾ صاف پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ آهي گندو پاڻي لاڳيتو واپرائڻ سبب گيسٽرو ڊائيريا مليريا ساوڪ خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري ورتي آهي، سرڪاري اسپتالن ۾ سهولتن جي کوٽ سبب مجبوري خاطر ماڻهو خانگي اسپتالن جو رخ ڪن ٿا رورل ھيلٿ سينٽر ٻگھاڻ رورل ھيلٿ سينٽر ڪيٽي بندر خاگي اين جي اوز مرف کي ۽ بي ايڇ يو جئو بي ايڇ يو سڄڻ واري ٻي ايڇ يو ڌانڌھاري بي ايڇ يو ڳاڙھو پي پي ايڇ آءِ کي سنڌ سرڪار ڪافي سالن کان ٺيڪي تي ڏئي ڇڏيا آهن جن ۾ دنيا جي ڪا به سهولت موجود ناهي سرڪاري اسپتالن ۾ ٽڪي جي نه گوري نه دوا ملي ٿي ايندڙ مريضن کي ڌڪا ڏئي اسپتال مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيندا آهن.

ھن وقت ٻوڏ سبب مختلف قسمن جا نانگ بلائون نڪري آيا آهن. ڪافي ماڻهن کي نانگن ڪکيو آهي ڪل به ھڪ نوجوان ويھه سالن جو ياسين گبول کي نانگ ڪکي وڌو قريب رورل ھيلٿ سينٽر ٻگھاڻ تان کيس انجيڪشن نه ملي سگھي جنهن سبب نوجوان تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو ھن وقت ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. پر انتظاميا سيلفيون ڪڍڻ ۾ مصروف آهي ڪو به عملي ڪم نه پيو ٿئي، دربدر ھزارين خاندان روڊن رستن تي بي يارو مددگار ويٺل آهن جن وٽ کاڌ خوراڪ دوائون سميت ڪجهه به ناهي ڪيترا ماڻهو بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آهن انتظاميا جي ڪن تي جونءَ نٿي چري سنڌ سرڪار يا ڊسٽرڪٽ گورنميٽ ٺٽو کي سنجيدگي وٺڻ جي ضرورت آهي نه ته ھزارين ماڻھو بيمارين ۽ بک وگهي مري ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.