عورت لاءِ حق جي آواز تي ميڊم فهميده جس لهڻو

تحرير: حميده گهانگهرو

ڊاڪٽر فهميده حسين، سنڌ جي اهڙي ڏاهي ۽ جاکوڙي عورت آهي جنهن هميشه پنهنجي قلم جي سچائيءَ سان مزاحمت به ڪئي آهي ته بچاءُ ڪرڻ جو حوصلو به ڏنو آهي. سندس جيون ڪٿا ” جان جان هئي جيئري“ ۾ جيڪو به لکيو اٿئين بلڪل پنهنجي زندگيءَ جي تجربي، مشاهدي جي بنياد تي بي ڊپي، مصلحت پسنديءَ کان هٽي صرف ۽ صرف هڪ عورت رهنما جي صورت ۾ پنهنجي سڄي زندگي جي ذاتي، ادبي، جاکوڙي، ملازمت وارن سڀني  پاسن کي فراخدليءَ سان اظهاريو آهي. جڏهن اهڙيون لکڻيون ۽ حوصلو ملي ته ان کي صرف لکيل ڪتاب جو نالو يا سندس آپ بيتي نه پر سماج ۾ پنهنجي ڪردار کي سڄي ڌرتي جي عورتن، انسانن، ٻارن ۽ نياڻين لاءِ اهڙو مسودو آهي جنهن ۾ هر عورت پنهنجي دل جو آواز سمجهي سگهي ٿي. خاص طور ملازمت ڪندڙ عورت سان سماج، دفتر ۾ رويا، عورت جي مٿانهين ڪردار کي ننڍڙيءَ دل سان نه قبول ڪرڻ جهڙو قبول ڪرڻ، صدين کان مرداڻي سماج جي اجارا داري کي وائکو ڪرڻ، وري ٻئي پاسي جڏهن شاهه جون سورميون ڪري لکي ٿي ته ڄڻ دنيا جي ڪنهن وڏي عدالت جو فيصلو يا آئين ۽ قانون پاس ڪرائي ٿي. توڻي جو کڻي اڄ جي هن جديد دور ۾ کيس گهڻو برداشت ڪري ڀوڳنائن کي منهن ڏيڻو ٿو پوي، سندس قلم کيس رٽائر نه ڪيو آهي. هوءَ سرڪاري نوڪري تان ته رٽائر ٿي پر سندس جاکوڙ اندر جي اڇل کائي اڄ به ڪنهن زيادتيءَ تي نه ته خاموش ٿي رهي ۽ نه مصلحت پسند.

هن وقت برساتي ٻوڏ جي صورتحال ملڪ جي حساس علائقن کي ٻوڙي رکيو آهي خاص طور سنڌ ته ڄڻ ڪنڌ تي ڪات جهڙي صوتحال مان گذري رهي آهي. صدين وارو سماج ڪيترو سڌريو آهي. ڪيئن سڌرندو اهي فيصلا ته وقت ۽ حالتون شيشي ۾ اڪريل ڪنهن تصورير وانگر نظر ايندا. ٻوڏ ماڻهن کي جهوري ڇڏيو آهي. ڪاڏي وئي نياڻين جي ست قرآن واري عزت بس لڙهندڙ پاڻي ۾ سسئي ته ٻالڪپڻي ۾ صندوق ۾ بند ٿي لڙهندي آئي پر اڄ جون سسئيون روئندي رڙندي ڪنهن ڪناري اچي ساهه پٽيو آهي. ڪن جا ٻچڙا ٻانهن جي جڪڙ ۾ ڇاتيءَ لڳل به نه بچي سگهيا ۽ سندن اکين آڏو وڏڙن، ٻچن ۽ همت جو ساٿ ڇڏيندڙن جا لاش ايئن لڙهي ويا جيئن ڪنهن وڻ ۾ سڪل پن ڇڻي ڪري پون ۽ هوا جا جهوٽا کين بي واهو اڏاريندا رهن. ايئن بي واها سنڌي اٻوجهه بي يارو مددگار روئي رڙي رهيا آهن.

پر حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته اهڙي ڳنڀير صورتحال ۾ به سماج جا ڪي شرپسند يا هوس جا ستايل سماج جي سڀني سماجي قدرن کان وانجهيل پنهنجي ضرورت ۽ خواهش کي پورو ڪرڻ لاءِ عورتن جي بي حرمتي ڪرڻ جي برابر ضرورتن جو پورائو ڪن ٿا.

ڪارل مارڪس چيو هو ته پورهيت جڏهن استحصال جو شڪار ٿيندو ۽ سندس محنت جو اجورو نه ملندو ته ظلم سان بغاوت ڪندي انقلاب جي راهه هموار ڪندو. هيءَ ڪهڙي صورتحال آهي جنهن ۾ استحصال ڪرڻ جون قوتون سندن مجبورين مان فائدا وٺي حق تلفي ڪري رهيا آهن ۽ بجاءِ پنهنجو حق گهرڻ ۽ ڪجهه لمحن جي خواهش ۾ بس سنڌي قوم سڏرائڻ ۽ عورت جي تذليل  ۾ مصروف آهن. اهم مسئلو اهو آهي ته ڇا ان عورت جي پيٽ ۾ مانيءَ جو ڳڀو پيل آهي. جنهن سان جبر ڪيو ٿو وڃي ۽ وري اخلاقيات جا اهي دائرا ته طلاق ڏيڻ جون ڌمڪيون. حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته ان لڙهندڙ پاڻي جي زندگيءَ ۾ نه عدالت نه ڪا مسجد پر مرد جي ڏاڍائيءَ جو قانون ته هو فيصلو ٻڌائي عمل ڪري سگهي ٿو. هن جديد دور ۾ جت انسان، فرش کان عرش ۽ دنيا کي گلوبل وليج بڻائي ڇڏيو آهي اتي اهي انساني ضرورتون نه پر وحشي جبلتن جا هاڃا نظر ٿا اچن.

هيءُ وقت آفت جهڙي بي حسي کي منهن ڏيڻ ۽ ان جو حل ڳولهڻ آهي. ميڊم فهميده، اصل ۾ جهالت جي نشاندهي ڪئي آهي. سماج کي غلط ريتن رسمن کان بچائي جڏهن صحيح جي نشاندهي ڪرڻ جي جرئت پيدا ڪئي ويندي تڏهن سماج جي بي مقصد برائي ۽ استحصال جو خاتمو ٿي سگهي ٿو. ڪنهن جي به مرضي خلاف فيصلو ڪرڻ هراسمينٽ جي ذمري ۾ اچي ٿو. اها هراسمينٽ دفترن، گهرن، روڊن، رستن مطلب عورت جي آواز کي ڪچلڻ، ڪمزور ڪرڻ مرد جو هميشه لاءِ غلام بڻائڻ جو بهترين هٿڪنڊو آهي. هراسمنٽ ۽ استحصال جو ذميدار صرف مرد ناهي عورت به آهي جنهن کي مان ٻئي مضمون ۾ وضاحت سان لکندس پر هن وقت ۽ ضرورت جي مطابق ميڊم فهميده جيڪو آواز بلند ڪيو آهي تنهن کي ڪنهن به فرسوده من گهڙت سوچن ۾ جڪڙي پابندي لڳائڻ جي ڪوشش نه ڪرڻ گهرجي بلڪه جيسين معاشري ۾ ميڊم فهيمده جهڙين باشعور ۽ عورتن جي حقن خاطر جاکوڙ جو جذبو رکندڙن جو ساٿ نه ڏنو ويو ته صدين کان قيد ۾ قابو عورتون ڪڏهن رسم رواج، ڪڏهن شرم حيا، ته ڪڏهن خاندان جي عزت ۽ غيرت جي نالي تي پيون پيسبيون رهنديون. عورت جي خودمختياري ۽ آزاديءَ انهي وقت ممڪن آهي جڏهن سندن تحفظ جا سڀ دروازا با عزت طريقي سان محفوظ هجن.

ٻوڏ صرف ڳڻپ جي ڏينهن، جي آهي سماج صدين جي پيداوار آهي. صدين جي سماج کي تهذيب يافته ۽ عورت مرد جي برابريءَ جي بنياد تي قبول ڪرڻ گهرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.