نيراني هي شربت پيئڻ جا صحت لاءِ وڏا فائدا

هونئين ته نيراني پاڻي پيئڻ به صحت جي لاءِ تمام گهڻو فائديمند آهي ۽ خالي پيٽ جي ڪجهه اهڙيون به شيون آهن جيڪي نه کائڻ سان صحت کي ٿيندڙ نقصانن کان بچائي سگهجي ٿو. جهڙوڪ نيراني چانهه پيئڻ سان صحت تي نقصانڪار اثر پوندا آهن.

پر توهان پنهنجي گهر ۾ موجود شين مان شربت ٺاهي جيڪڏهن روز نيراني پيئو ٿا ته توهان جي صحت تي تمام گهڻا فائدي وارا اثر پوندا.  اهو آهي سُنڍ جو شربت.

سنڍ گهر جي رنڍڻي ۽ روز استعمال ٿيڻ واري شيءِ آهي جيڪي تقريبن سڀني کاڌن ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿي.

پر ڇا توهان کي خبر آهي ته اها صحت جي حوالي سان ڪيتري فائديمند آهي؟ بدهضمي کان وٺي جسم جي بچاءَ واري نظام تائين اها جڙي ٻوڏي وڏي فائدن واري آهي.

ادرڪ جو نيراني خالي پيٽ استعمال ڪجي ته اها هاضمي واري نظام کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو. دل گهٻرائڻ، بيقراري ۽ ٻين مسئلن سان گڏوگڏ ان ۾ موجود اينٽي آڪسيڊنٽس موسمي ليس ۽ زڪام کان به ڇوٽڪارو ڏيارڻ ۾ مدد ڪندا آهن. اهو رت جي رڳن جي لاءِ به تمام بهترين علاج آهي ان سان گڏ سنڍ ڪوليسٽرول جي ليول به برقرار رکڻ لاءِ وڏي فائديمند ثابت ٿيندي آهي. نيراني سنڍ کي پاڻي ۾ ملائي پيئڻ توهان جي صحت لاءِ جادوئي فائدن وارو شربت ثابت ٿيندو.

سنڍ جو شربت ٺاهڻ جو طريقو

شيون

سنڍ جا ٻه انچ جا ننڍا ٽڪرا

ڪوپ جو چوٿون حصو ليمي جو عرق

ٽي ڪوپ پاڻي

ماکي

شربت ٺاهجي ڪيئن؟

سنڍ کي ڇِلي سنهي پوئڊر ۾ پيهي وٺو ۽ پوءِ پنج منٽن تائين انکي پاڻي ۾ اٻاريو.

انکانپوءِ ان پاڻي کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ ڇڏيو جنهن وقت پاڻي ٿڌو ٿي وڃي ته ان ۾ ليمي جو عرق ۽ ماکي وجهو.

ان مڪسچر کي صبح ناشتي کان اڳ مطلب نيراني پيئڻ فائديمند هوندو آهي جيڪو طبي مسئلن جي روڪٿام يا علاج ۾ تمام گهڻو مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.

ان سان گڏ سنڍ جو شربت هاضمي ۽ ميٽابولزم کي بهتر ڪرڻ ۽ وزن ۾ گهٽتائي آڻڻ ۾ به گهڻو فائديمند آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.