ڪنڌڪوٽ: مينهن جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب بيماريون ڦهلجڻ لڳيون، جساف جو احتجاج

ڪنڌڪوٽ ۾ گندگي ۽ مينهن جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن پاران احتجاج ڪيو ويو

جساف جيئي سنڌ محاذ جي ڪارڪنن گهنٽا گهر چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاج ڪندي سنڌ حڪومت ۽ انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي

ان موقعي تي سلطان نندواڻي، ظفر علي، مير سنڌي ۽ ٻين عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته مينهن جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب شهر گندگي  جي ور چڙهي ويو آهي، علائقي ۾ بيماريون ڦهلجي رهيون آهن.

قومي ڪارڪنن جو چوڻ هو ته انتظاميا روزاني مينهن جو پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ ٽيوب ويل هلندڙ ڏيکاري ڪرپشن ڪري رهي آهي، جڏهن ته ڪٿان به پاڻي جي نيڪالي ناهي ڪرائي وئي

هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ اختيارين کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته نااهل ٽي ايم او هٽائي شهر کي تباهه ٿيڻ کان بچايو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.