ڪوٽڙي جي اسپتال ۾ اينٽي ڪرپشن جو ڇاپو، ايم ايس سيٽ ڇڏي فرار

ڪوٽڙي جي بلاول ميڊيڪل اسپتال ۾ اينٽي ڪرپشن ٽيم جو ڇاپو، ايم ايس سيٽ ڇڏي فرار ٿي ويو

اينٽي ڪرپشن ٽيم سرڪل آفيسر ذيشان حيدر جي اڳواڻي ۾ اسپتال ۾ اوچتو ڇاپو هڻي ٽن سالن جو رڪارڊ پنهنجي تحويل ۾ ورتو

ڇاپي دوران اسپتال جو ايم ايس سيٽ ڇڏي فرار ٿي ويو، آيل مريض ٽيم اڳيان سهولتن جي کوٽ جون دانهون ڪندا رهيا

ذريعن جو چوڻ آهي ته اسپتال ۾ مريضن کي دوائون نه ملڻ، جنريٽر نه هلائڻ ۽ ميس ۾ ڪرپشن جي شڪايتن تي اهڙي ڪاروائي ڪئي وئي آهي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.