انگلينڊ خلاف سيريز ۽ ورلڊ ڪپ لاءِ قومي ٽيم جو اعلان ڪڏهن ٿيندو ۽ ڪهڙيون تبديليون ٿينديون؟

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ قومي ٽيم جي اسڪواڊ جو اعلان ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ ڪيو ويندو، جڏهن ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ به اسڪواڊ جي لسٽ جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 15 سيپٽمبر آهي.

پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 7 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز 20 سيپٽمبر کان ڪراچي ۾ شروع ٿي رهي آهي، جنهن لاءِ ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ قومي اسڪواڊ جو اعلان ٿيندو، جڏهن ته ورلڊ ڪپ اسڪواڊ جو اعلان به ان سان گڏ ئي ڪري سگهجي ٿو، ڇو ته ورلڊ ڪپ اسڪواڊ اعلان جي آخري تاريخ به 15 سيپٽمبر آهي ۽ تاريخ ۾ واڌ لاءِ آءِ سي سي سان ڪو رابطو ناهي ڪيو ويو.

ايشيا ڪپ ۾ بيٽرن جي خراب ڪارڪردگي کانپوءِ انگلينڊ خلاف سيريز ۽ ورلڊ ڪپ لاءِ هڪ ئي اسڪواڊ جي اعلان تي سليڪشن ڪميٽي پريشان آهي.

سليڪشن ڪميٽي طرفان بيٽنگ لائن اپ ڪامبينيشن ۾ تبديلي جو امڪان آهي، جڏهن ته اسڪواڊ ۾ ٻن وڪيٽ ڪيپرن جي شموليت به ممڪن آهي.

هوڏانهن فاسٽ بالر شاهين آفريدي به اڃا تائين بحالي جي عمل مان گذري رهيو آهي ۽ کيس بالنگ جي شروعات ڪرڻي آهي، اهي سڀ معاملا مئنيجمينٽ لاءِ مٿي جو سور بڻيل آهن.

واضح رهي ته آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ هلندڙ سال 16 آڪٽوبر کان آسٽريليا ۾ کيڏيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.