ڀان سيد آباد: سنڌ حڪومت خلاف احتجاج: ايس يو پي پاران ٻهارا ڏئي روڊ صاف ڪيو ويو

ڀان سيد آباد ۾ ايس يو پي پاران صفائي مهم ڪندي ضلعي انتظاميا ۽ سنڌ حڪومت خلاف ريلي ڪڍي وئي

قومي ڪارڪنن ايس يو پي اڳواڻ روشن علي ٻرڙو، اصغر سولنگي، شبير ٻرڙو ۽ بين جي اڳواڻي ۾ مين روڊ کي ٻهارو ڏئي صاف ڪيو

ان موقعي تي روشن علي ٻرڙو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته لکين خاندان دربدر ٿي روڊن تي بي يارو مددگار آهن، سنڌ حڪومت توڙي انتظاميا سندن واهر لاءِ تيار ناهي

سڄي سنڌ جيان سيوهڻ به مڪمل طور پاڻي ۾ ٻڏل آهي، ڪيترائي ماڻهو بُکون ڪاٽي رهيا آهن، ڪرپٽ حڪمران رڳو فوٽو سيشن ڪري امدادي مال هڙپ ڪرڻ ۾ رڌل آهن

هن چيو ته ايم اين اي ڊي سي ڄامشوري جي عوام لاءِ آيل ڪروڙين رپين جا فنڊ هڙپ ڪري هڪٻئي خلاف بيانبازي ڪري رهيا آهن، آفيسر ڀوتارن جي خدمت ڇڏي عوام جي واهر ڪن

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.