نصيرآباد ۾ دسٽرڪٽ ۽ سيشن جج جو ٻوڏ متاثرن لاءِ قائم ٽينٽ سٽي جو دورو

نصيرآباد ۾ ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج جو ٻوڏ متاثرن لاءِ قائم ٽينٽ سٽي جو دورو، کاڌي پيتي ۽ ٻين سهولتن بابت تفصيل معلوم ڪيا

سيشن جج زاهد حسين ميتلو ٽينٽ سٽي ۾ اطمينان جوڳي سهولتن تي انتظاميا جي ساراهه ڪئي ۽ وڌيڪ بهتري جون هدايتون ڏنيون

ان موقعي تي سيشن جج زاهد حسين ميتلو جو چوڻ هو ته ضلعي ۾ پهريون بهترين ٽينٽ سٽي نظر آيو آهي، ڊاڪٽر ڳورهارين عورتن جي خوراڪ ۽ دوائن جو خاص خيال ڪن

هن چيو ته انتهائي ڏکوئيندڙ صورتحال آهي، اسان متاثر عوام جي هر مدد ۽ واهر ڪنداسين، ڪوتاهي ڪندڙ آفيسر ۽ عملدار کي سخت سزا ڏني ويندي

سيشن جج انتظاميا کي سخت هدايتون ڪندي چيو ته ٻوڏ متاثرن جو گهر ڀاتين جيان ڌيان رکيو وڃي، کين کاڌي خوراڪ، پيئڻ جي پاڻي، دوائن ۽ ٽينٽ ڏيڻ ۾ ڪا به سستي نه ڪئي وڃي

دوري دوران سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ عمران گاڏھي، بار ايسوسيئيشن جا اڳواڻ محمد بخش واھوچو، ايڊووڪيٽ يوسف پتوجو سميت روينيو ۽  ھيلٿ ۽ ٻين کاتن جا عملدار پڻ موجود هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.