ميهڙ: بُک ۽ بيماري وگهي هڪ ئي گهر جي وڌيڪ ٻي عورت فوت، لاش رکي ڌرڻو

ٻوڏ متاثرن جون بُک، بدحالي ۽ گرمي سبب زندگيون ضايع ٿيڻ جو سلسلو نه رڪيو، ميهڙ ۾ گيسٽرو وگهي وڌيڪ هڪ عورت فوت ٿي وئي

مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ پناهه ورتل ٻوڏ متاثرن مان گيسٽرو ۾ مبتلا عورت زندگي جي جنگ هارائي ويٺي، وارثن ڊگري ڪاليج جي چوڪ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو

ان موقعي تي فوتڻ عورت جي وارثن چيو ته اسان جا گهر لڙهي تباهه ٿي ويا آهن، 25 ڏينهن کان ڪاليج ۾ ويٺل آهيون پر کاڌي خوراڪ ۽ پيئڻ جي پاڻي سميت ڪجهه به ناهي ڏنو ويو

هنن چيو ته بُک ۽ بيماري سبب گذريل ڏينهن اسان جي هڪ عورت فوت ٿي وئي هئي جڏهن ته اڄ ٻئي به فوت ٿي وئي آهي ضلعي انتظاميا توڙي اختياريون ڪا به مدد نه ٿيون ڪن

ٻوڏ متاثرن فوت ٿي ويل ٻنهي عورتن جا لاش دفنائڻ لاءِ چندو ڪري ٻيڙي جو بندوبست ڪيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.