گمبٽ ۽ آسپاس پاڻي جي سطح ۾ لڳاتار واڌ، ڪيترائي ڳوٺ ٻڏي ويا

گمبٽ ۽ آسپاس جي علائقن ۾ پاڻي اچڻ جو سلسلو بند نه ٿيو، ڪيترائي ڳوٺ ٻڏي ويا، هزارين ماڻهو روڊن تي کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن

کُهڙا، ڊرٻ ميهر شاهه ۽ ٻين علائقن ۾ خيرپور کان ايندڙ پاڻي جي سطح ۾ لڳاتار واڌ ڪيترن ئي ڳوٺن جي هزارين ماڻهن کي بي گهر ڪري ڇڏيو

هوڏانهن سماجي اڳواڻن پاران جوڙيل پاڻي ڪاميٽيءَ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ڪئمپ پڻ هلندڙ آهي شهرين پاران پاڻ مراديون گرفتاريون ڏيڻ ۽ انتظاميا هٿان شهيد ٿيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي

ان حوالي سان حاجي عبدالطيف شيخ، ڪامريڊ نثار ابڙو، مولوي نعمت الله شيخ ۽ ٻين عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته

جيستائين خيرپور جي مختلف علائقن مان لڳل ڪٽ بند ڪري پاڻي نيڪال نه ڪيو ويندو تيستائين روهڙي ڪئنال وٽان سم نالي کي لڳل ڪٽ بند ڪرڻ نه ڏينداسين

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.