”گم ٿيل شهري بازياب نه ٿيو ته ڳجهن ادارن جون اختياريون پيش ٿي رياست جي ناڪاميءَ جي وضاحت ڪنديون“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله گم ٿيل شهري کي اربع تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته آءِ ايس آءِ، ايم آءِ، آءِ بي اختياريون عدالت سامهون پيش ٿي رياست جي ناڪاميءَ جي وضاحت ڪنديون.

اسلام آباد مان گل ٿيل شهري حسيب حمزا جي بازيابي لاءِ داخل درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ٻڌڻي ڪئي، جتي عدالتي حڪم تي آءِ جي اسلام آباد اڪبر ناصر پيش ٿيو.

ٻڌڻي دوران آءِ جي چيو ته شهري جي گمشدگي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، چيف جسٽس چيو ته آءِ جي صاحب! اهو برداشت جوڳو ناهي، گم ٿيل ماڻهن بابت اڳ هڪ فيصلو موجود آهي، جنهن ۾ اهو واضح قرار ڏنو ويو آهي ته شهري جي گم ٿيڻ تي آءِ جي ۽ لاڳاپيل آفيسر ذميوار هوندا، عدالت هاڻ ان فيصلي موجب ئي ڪارروائي ڪندي.

چيف جسٽس اطهر من الله اسلام آباد پوليس کي سڀاڻي 10 وڳي تائين گم ٿيل شهري کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ائين نٿو ٿئي ته هر هڪ کي گهرائي ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

هن چيو ته ايم آءِ، آءِ ايس آءِ ۽ آءِ بي سميت سڀ پيش ٿي رياست جي ناڪاميءَ جي وضاحت ڪندا، شهري جي عدم بازيابي تي سڀاڻي ايم آءِ، آءِ ايس آءِ جا سيڪٽر ڪمانڊر پيش ٿين، جڏهن ته اسپيشل برانچ ۽ آءِ بي جا سيڪٽر ڪمانڊر به پيش ٿين.

چيف جسٽس چيو ته 23 آگسٽ کان شهري گم آهي پر ڪيس 12 سيپٽمبر تي داخل ٿيندو آهي.

هن ريمارڪس ڏنا ته دنيا جي بهترين ايجنسين لاءِ ڪو مسئلو ناهي ته گم ٿيل شهري کي پيش نه ڪري سگهن، جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته وقت 10 وڳي کان ساڍا 11 ڪري ٿا ڇڏيون ان کان وڌيڪ نه.

چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته آءِ جي صاحب! هيءَ عدالت توهان تي اعمتاد ڪري رهي آهي، وزيراعظم به گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس ۾ هن ئي عدالت ۾ پيش ٿيو.

عدالت گم ٿيل شهري کي سڀاڻي ساڍي 11هين وڳي تائين بازياب ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي شهري جي بازيابي لاءِ وڌيڪ مهلت ڏيڻ جي آءِ جي اسلام آباد جي اپيل رد ڪري ڇڏي.

عدالت اربع تي چيف ڪمشنر کي به عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.