ٿوري احتياط سان صحت جا گهڻا مسئلا حل

ڪهڙي به قسم جو سڻڀ هجي اهو صحت جي لاءِ خراب ناهي هوندي. اسان جو جسم هڪ قسم جي مشين آهي ۽ ان کي هلائڻ لاءِ پيٽرول جي ضرورت هوندي آهي ۽ سڻڀ جسم لاءِ ان پيٽرول جيان ڪم ڪندو آهي. (جهڙوڪ ميون مان حاصل ٿيندڙ تيل، زيتون، سرنهن ۽ سورج مکي وارو تيل) صحت جي لاءِ تمام گهڻو فائديمند آهي.

جيئن ته ڪوليسٽرول هڪ قدرتي سڻڀ آهي جيڪو جسم جي ڪيترن ئي مک شين کي پائي تڪميل تائين پهچائيندو آهي.

ڪوليسٽرول سيلز(گهرڙن) جون ڀتيون ٺاهڻ، هارمونز جهڙوڪ ايسٽروجن، ٽيسٽيرون، سيروٽونن ٺاهڻ ۾ مدد ڪندو آهي. نه رڳو مدافعتي قوت بحال ڪندو آهي پر دماغ کي به تحرڪ ۾ رکندو آهي.

ڪوليسٽرول سان جڙيل ٻيا عمل

  1. سستي
  2. شگر
  3. ٿولهه
  4. دل جو موروثي بيماريون

5.هاءِ بلڊ پريشر

  1. تماڪ واپرائڻ
  2. عورتن ۾ ماهواري جو وقت کان اڳ ختم ٿيڻ

ضروري پرهيز

برٽش هارٽ فائونڊيشن جو چوڻ آهي ته خوراڪ ۽ زندگي جي رهڻي ڪهڻي ۾ تبديلي آڻي وقت کان اڳ ٿيندڙ موت تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو جيتوڻيڪ گذريل ڏهاڪي جي ڀيٽ ۾ دل جي بيمارين سبب مرندڙن جي شرح ۾ گهٽتائي آئي آهي پر تنهن باوجود به هر سال ٻه لک پنجويهه هزار ماڻهو موت جو شڪار بڻجي وڃن ٿا جڏهن ته ٿوري ڪوشش ڪجي ته موت ٿيڻ واري شرح کي اڃا به گهٽائي سگهجي ٿو.

رڳو پيٽ ڀري کاڌو کائڻ کي خوراڪ حاصل ڪرڻ جو ذريعو ناهي پر اسان مان اسي سيڪڙو ماڻهو وڻندڙ کاڌا کائي سمجهندا آهن ته اهي هاڻي صحتمند رهندا پر اهڙي خوراڪ رڳو ذائقي حاصل ڪرڻ جو ذريعو هوندا آهن ۽ ان سان گڏ ڪوليسٽرول ۽ وزن وڌائڻ جو سبب به بڻبا آهن. اسان ڪيترين ئي عادتن ۽ کاڌن کان پرهيز ڪري هاڪاري نتيجا حاصل ڪري سگهون ٿا.

  1. جانورن جي گوشت ۾ موجود سڻڀ سڀ کان وڌيڪ ڪوليسٽرول وڌائڻ جو سبب بڻبو آهي انڪري گوشت جو اهو حصو جنهن تي سڻڀ يا چرٻي لڳل هجي اهو استعمال نه ڪرڻ گهرجي.
  2. گهڻي تيل ۾ گوشت ۽ مڇي کي ترڻ نه گهرجي.
  3. مکڻ، برگر، ڪوڪونٽ آئل، مٺيون شيون، ريفائينڊ ڪاربوهائڊريٽس انسولين وڌائڻ سان گڏوگڏ چرٻي کي به وڌائيندا آهن جيڪو صحت لاءِ نقصانڪار آهي.
  4. پٽاٽن جي چپس ۽ بازار جون تريل شيون(پڪوڙن ۽ سموسن سميت) کائڻ کان پرهيز ڪيو.
  5. جانورن جي گوشت کي احتياط سان استعمال ڪجي. (جيرو، گردا ۽ مغز) ڪوليسٽرول سان ڀريل هوندا آهن، انهن کي کائڻ کان پاسو ڪيو وڃي.
  6. هفتي ۾ چئن ڀيرن کان وڌيڪ انڊي جي زردي کي استعمال نه ڪجي ته بهتر رهندو.
  7. ڪوليسٽرول ۽ بلڊ پريشر گڏ گڏ هلندا آهن ۽ سگريٽ پيئڻ جو عمل ٻنهي جي سطح کي وڌائيندو آهي ۽ ڦڦڙن جي ڪينسر جو سبب بڻبو آهي.
  8. تاشتي ۽ کاڌي ۾ تريل شين، مٺاڻ پيئڻ ۽ ٿڌيون شيون استعمال ڪرڻ جي عادت ڪڍو اهي صحت جي لاءِ گهڻيون نقصانڪار عادتون آهن.
  9. سڻڀ اسان جي دل جي لاءِ عذاب ۽ جن جهڙو هوندو آهي جيڪو ڪيترائي ڀيرا موت جو سبب به بڻجي ويندو آهي. انڪري سڻڀ واريون شيون کائي وري آرام ڪرڻ کان پاسو ڪري گهڻي کان گهڻو ڪم ڪري ڪيلوريز کي ساڙيو وڃي.
  10. گهڻو لوڻ استعمال ڪرڻ دل جي لاءِ نقصانڪار هوندو آهي انکانسواءِ معدي جي ڪينسر جو سبب به بڻجي سگهي ٿو انڪري لوڻ جو استعمال مناسب مقدار ۾ ئي ڪرڻ گهرجي.
  11. مايونيز ۽ مکڻ جا سينڊ وچ گهڻي مقدار ۾ استعمال نه ڪرڻ گهرجن.
  12. اهڙا ماڻهو جن جا گهرڀاتي دل جي بيمارين ۾ مبتلا هجن انهن کي گهڻو احتياط ڪندي ڪوليسٽرول چيڪ ڪرائڻ گهرجي.
  13. کير ۽ ڏهي واري ٿَري ڪوليسٽرول سان گڏ گردن جي لاءِ به نقصانڪار آهي انڪري انهن جي استعمال کان پاسو ڪيو وڃي.
  14. اسان مان ڪيترائي ماڻهو اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي پنهنجي خوراڪ جي چونڊ ڪندا آهن ۽ اهي ئي شيون کائيندا آهن جيڪي رڳو انهن کي وڻنديون آهن ۽ گهڻين اهڙين شين کان پري رهندا جيڪي انهن کي ناهن وڻنديون انڪري پنهنجي پسند نا پسند کي ڪوليسٽرول سان مقابلي لاءِ ضرور استعمال ڪيو.
  15. بيڪري پراڊڪٽس(بسڪٽ، پيٽيز ۽ ڪيڪ) ۾ مکڻ جو مقدار وڌيڪ هوندو آهي انڪري ناشتي ۽ هڪلي ڦلڪي بک جي وقت انهن کي گهٽ استعمال ڪرڻ گهرجي.
  16. شرمپس ۽ جهينگا مڇي به ڪوليسٽرول جي واڌ جو سبب بڻبا آهن.
You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.