پاڪستان ۾ هڪ ٻيو ٻار پوليو وائرس سان معذور ٿي ويو

 

پشاور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ پوليو وائرس سان هڪ ٻيو ٻار معذور ٿي ويو ۽ هلندڙ سال 18 ٻار پوليو وائرس جو شڪار ٿي چڪا آهن.

خيبر پختونخواهه جي قبيلائي ضلعي اتر وزيرستان ۾ ٽن مهينن ۾ ٻار ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي، پوليو جو شڪار ٻار کي پوليو روڪ ويڪسين جي هڪ خوراڪ به نه پيئاري وئي هئي.

هلندڙ سال اهو پوليو وائرس جو 18هون ڪيس آهي ۽ سڀ ڪيس خيبر پختونخواهه جي ٻن ضلعن ۾ سامهون آيا آهن، سال 2022 ۾ هيل تائين 16 ڪيس اتر وزيرستان ۽ 2 ڪيس لڪي مروت ۾ رپورٽ ٿيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.