اوهان جو اڄوڪو ڏينهن ڪيئن گذرندو؟

برج حمل
سٺي صحت لاءِ متوازن خوراڪ جو استعمال ضروري آهي، ڀوڄٽ ڪڏهن ڪڏهن کائڻ گهرجن، صدقو خيرات وڌ کان وڌ ڪريو، ان سان اوهان کي روحاني مدد ملندي.
برج ثور
ٻين جي مدد ڪريو، قدرت اوهان جي به مدد ڪندي، اهو لازمي ناهي ته ڪو اوهان کي مدد لاءِ سڏي، اوهان جون اکيون اهڙن موقعن جي ڳولا ۾ رهڻ گرجن جيڪي مدد جا منتظر آهن.
برج جوزا
جيڪڏهن اوهان دماغي ڪم ڪريو ٿا ته پوءِ منجهند جو کاڌو گهٽ کائو، نه ته طبيعت ۾ سستي اچي ويندي ۽ ڪم تي ڌيان نه ڏئي سگهندا.
برج سرطان
خوراڪ ۾ ڪارن مرچن جو استعمال ڪريو، اهو معدي ۽ چمڙي لاءِ سٺو آهي ۽ وزن گهٽائڻ سان جسم ۾ بيڪٽيرياز جو به خاتمو ڪري ٿو.
برج اسد
اوهان کي صدقو خيرات ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان سان ٻين کي به فائدو ٿيندو ۽ اوهان جون به ڏکيائيون گهٽجنديون، ڪجهه وقت کليل فضا ۾ گذارڻ فائدو ڏيندو.
برج سنبلا
ياد رکو ته صدقو وڏين مصيبتن کان چائي ٿو، غذائي بي احتياطي کان بک تي هجڻ بهتر آهي نه ته اوهان بيمار ٿي ويندا.
برج ميزان
جيڪڏهن اوهان وڌيڪ خوشي، دولت ۽ ڪاميابي ماڻڻ چاهيو ٿا ته پنهنجي زندگي جي مقصد ۽ هدفن جو تعين ضرور ڪري وٺو.
برج عقرب
واندڪائي ۾ پنهنجي گهروارن سان وقت گذاريو، ننڍا ٻار اوهان سان ملي خوشي محسوس ڪن ٿا ته اوهان ڪامياب آهيو.
برج قوس
منجهند جو کاڌو دير سان کائو، ان سان پاڻ کي چست محسوس ڪندا، نه ته سستي ٿيندي، بهتر حڪمت عملي سان صبح جو نيرن ڪريو.
برج جدي
جيڪڏهن زندگي ۾ مقصد ۽ معنيٰ جي کوٽ آهي ته خلق جي خدمت ڪريو، ٻين کي خوشي ڏيو، اوهان کي دنيا به فائدو ڏيندي ۽ آخرت ۾ به فائدو ملندو.
برج دلو
والدين کي خوش رکو، انهن جي خوشي لاءِ بهانا ڳوليو، صحت جي مسئلن کان بچڻ لاءِ ڪوششون ڪريون ڇو ته دولت کان وڌيڪ صحت اهم آهي.
برج حوت
جيڪو ٿي ويو سو ٿي ويو، ان تي افسوس ڪرڻ نقصان پورو نه ڪري سگهندو، پنهنجو آئيندو ان تي نه وڃايو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.