افغانستان مان دهشتگردن جي فائرنگ، پاڪ فوج جا 3 جوان شهيد

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي ضلعي ڪرم ۾ سرحد پار کان دهشتگردن جي فائرنگ ۾ پاڪ فوج جا 3 جوان شهيد ٿي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج طرفان دهشتگردن خلاف ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ دهشتگردن کي وڏو جاني نقصان پهتو.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري جو چوڻ آهي ته شهيد جوانن ۾ نائيڪ محمد رحمان، نائيڪ معويز خان ۽ سپاهي عرفان الله شامل آهن.

آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان دهشتگردن طرفان افغان سرزمين استعمال ڪرڻ جي سخت مذمت ڪري ٿو، پاڪستان کي اميد آهي ته افغان حڪومت مستقبل ۾ اهڙين ڪارروائين جي اجازت نه ڏيندي.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪ فوج ملڪي سرحدن جي حفاظت لاءِ پرعزم آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.