همراهه ذهني سڪون لاءِ 53 شاديون ڪري ڇڏيون!

 

جده (ويب ڊيسڪ) 63 ورهين جي هڪ سعودي شخص 53 شاديون ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي.

پرڏيهي ميڊيا موجب ان شخص جو نالو ابو عبدالله آهي، جنهن جي سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو تيزيءَ سان وائرل ٿي رهي آهي.

وڊيو ۾ اهو شخص ٻڌائي رهيو آهي ته مان هيل تائين 53 شاديون ڪري چڪو آهيان، منهنجي پهرين شادي 20 سالن جي عمر ۾ ٿي هئي.

ابو عبدالله جي ان دعويٰ کانپوءِ سوشل ميڊيا واهپيدار ان کي صدي جو سڀ کان وڌيڪ شاديون ڪندڙ انسان قرار ڏئي رهيا آهن.

سعودي شهري جو چوڻ آهي ته هن وقت منهنجي نڪاح ۾ رڳو هڪ عورت آهي ۽ وڌيڪ شاديون ڪرڻ جو ارادو نٿو رکان.

خابرو اداري سان ڳالهائيندي هن چيو ته مان خاموشي سان زندگي گذاري رهيو هيس، مان نجي محفل ۾ پنهنجي شادين بابت گفتگو ڪئي هئي، جيڪا منهنجي هڪ دوست رڪارڊ ڪري سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري ڇڏي.

سندس چوڻ هو ته منڍ ۾ منهنجو هڪ کان وڌيڪ شادين جو ڪو ارادو نه هو، مان پهرين زال مان مطمئن هيس، منهنجا ٻار به هئا، ڪجهه عرصي کانپوءِ مسئلا شروع ٿيا ۽ مان ذهني سڪون لاءِ ٻي شادي ڪئي.

ابو عبدالله ٻڌايو ته ان کانپوءِ مان جيتريون به شاديون ڪيون خوشي سان نه ڪيون پر انهن جو مقصد ذهني سڪون حاصل ڪرڻ هو، مون کي هڪ اهڙي عورت جي ڳولا هئي، جيڪا مون کي خوش رکي سگهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.