انساني حياتي لاءِ خطرو بڻجندڙ شين جي سڃاڻپ ڪندڙ مشين تيار

برطانيا جي ماهرن ايڪس ري جو هڪ نئون طريقو ڳولي ورتو آهي جنهن سان ڌماڪن واري مواد جهڙين غيرقانوني ۽ خطرناڪ شين جي 100 سيڪڙو سڃاڻپ ڪرڻ جي صلاحيت هوندي.

ڪجهه ڌماڪيدار مواد جي سڃاڻپ روايتي ايڪس ري جي مدد سان مشڪل هوندو آهي جڏهن ته نئون طريقو غير قانوني شين جهڙوڪ منشيات، جهنگلي حيات ۽ ڌماڪيدار مواد جي سڃاڻپ ڪرڻ ۾ انقلاب آڻي سگهي ٿو.

ماهرن چيو آهي ته انهن کي حاصل ٿيڻ وارن نتيجن سيڪورٽي شعبي ۾ اهم اثر ڇڏيا آهن ۽ انهن ۾ صحت ۽ صنعت کي سهارو ڏيڻ جي به صلاحيت آهي.

يونيورسٽي ڪالج لنڊن جي ميڊيڪل فزڪس ۽ بائيو ميڊيڪل انجينيئرنگ جي سينيئر ليکڪ پروفيسر سينڊرو اوليوو جو چوڻ آهي ته شين جي سطح جو جائزو ورتو ته انهن جي جاچ جو مختلف طريقو آهي جيڪو غير قانوني شين جي سڃاڻپ ڪندو آهي.

تحقيق ۾ يونيورسٽي ڪالج لنڊن جي ماهرن جي رهنمائي ۾ ٽيم ڪم ڪيو جنهن ۾ نئين ايڪس ري کي پراڻي سيڪورٽي اسڪينر تي تجربو ڪيو ويو. سامان ۾ ڌماڪيدار شيون لڪيل هيون جن کي محفوّ جاءِ تي رکيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.