صحت: نيرن نه ڪرڻ جا نقصان ڄاڻي توهان دنگ رهجي ويندئو

اڄ اسان توهان کي ٻڌائينداسين ته نيرن ڪرڻ ڪيتري قدر اهم آهي ۽ جيڪڏهن توهان نٿا ڪريو ته ان جا ڪيترا نقصان آهن.

نيرن ڏينهن جي شروعات جي اهم ترين خوراڪ مجنهان هڪ آهي،  جنهن ذريعي انسان سڄو ڏينهن چست رهندو آهي پر جيڪڏهن توهان نيرن نٿا ڪريو ته اهو عمل توهان جي صحت لاءِ  انتهائي هاڃيڪار ثابت ٿي سگهي ٿو.

طبي ماهرن جوچوڻ آهي ته جيڪي ماڻهو نيرن نٿا ڪن انهن منجهه شوگر جهڙي مرض جو خطرو وڌي ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته شوگر جي بيماري کاڌي  ۾ لاپرواهي سبب ئي پيدا ٿيندي آهي.

جيڪڏهن بالغ ماڻهو نيرن نٿا ڪن ته سندن مزاج بدلجڻ لڳندو آهي ۽ منجهن ڊپريشن  جو خطرو پڻ وڌي ويندو آهي.

حقيقت ۾ اسان جڏهن صبح جو ننڊ مان سجاڳ ٿيندا آهيون ته پيٽ ڪلاڪن تائين خالي هوندو آهي ۽ جيڪڏهن نيرن نه ڪجي ته جسم ڪمزور ٿيڻ لڳندو آهي، جيڪي پوءِ انساني مزاج تي ناڪاري اثر وجهندا آهن.

ڄاڻي واڻي نيرن نه ڪرڻ يا دير سان ڪرڻ سان مٿي ۾ سور پيدا ٿيندو آهي ۽ انسان جي جسم تي ناڪاري اثر  پڻ پوندا آهن، انکانسواءِ دل جي دوري جا چانسز پڻ 27 سيڪڙو تائين وڌي ويندا آهن.

نيرن نه ڪرڻ وارا عام طور ٿولهه جو شڪار ٿي ويندا آهي ڇو جو جڏهن هو نيرن ناهن ڪندا ته کين بک لڳندي آهي اهڙي نموني هو وڌ کان وڌ مٺيون شيون کائيندا آهن جيڪي ٿولهه جو ڪارڻ بڻبيو آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.