موسمياتي تبديلين سبب موتمار وائرس جي ڦهلجڻ جو امڪان، طبي ماهرن خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي

موسمياتي تبديلين جي نتيجي ۾ ايندڙ ڏينهن ۾ ڪورونا وائرس جهڙيون وڌيڪ بيماريون وبائي صورت ۾ سامهون اچي سگهن ٿيون

هڪ طبي تحقيق ۾ ثابت ٿيو آهي ته هن وقت ڪنهن به ماڻهو ۾ ڪووڊ 19 جهڙي وبا جو امڪان 38 سيڪڙو آهي پر ايندڙ ڏينهن ۾ اهو خطرو ٻيڙون ٿي ويندو

تحقيق ۾ ماهرن ٻڌايو آهي ته موسمياتي تبديلين سبب هڪ ٻي وبا پکڙڻ جو امڪان آهي

ماهرن گذريل 400 ورهين جي ڊيٽا جو جائزو ورتو آهي جنهن جي ڪري وبائي بيمارين جي پکڙجڻ جو امڪان آهي

هنن ٻڌايو آهي ته ڪنهن وبا جي پکڙجڻ جي شرح ماضي ۾ مختلف هئي پر ان شرح کي نظر ۾ رکندي ايندڙ وقت ۾ ڪنهن شديد وبا جي پکڙجڻ جو امڪان آهي

هنن جو چوڻ آهي ته تازي تحقيق ۾ ثابت ٿيو آهي ته جانورن مان انسانن ۾ منتقل ٿيڻ وارين بيمارين جو ڪارڻ موسمياتي تبديلي آهي

هنن چيو ته جانورن ۾ گهڻو ڪري بيڪٽيريا ۽ وائرس جو ذخيرو ٿيندو آهي جيڪو انسانن ۾ پکڙجندو آهي

هنن وڌيڪ انڪشاف ڪيو ته جيئن جيئن قدرتي دنيا گهٽ ٿيندي پئي وڃي، اهڙين خطرن جو مقابلو ڪرڻ وڌندو ٿو وڃي. موسم سان وائرسز جي وڌيڪ سولائي سان بيماريون ڪرڻ جي صلاحيت به وڌندي پئي وڃي

ماهرن اهو به ٻڌايو ته تازو جانورن مان انسانن ۾ ٿيندڙ بيماريون 75 سيڪڙو سامهون آيون آهن.

ماهرن تجويز ڏيندي چيو آهي ته دنيا کي متاثر ڪندڙ وبائن جي روڪٿام لاءِ سرويلنس سسٽمز تي سيڙپڪاري ڪرڻ جي ضرورت آهي جڏهن ته وائرل انفيڪشنز بابت ڄاڻ به شيئر ڪرڻ جي ضرورت آهي

ماهرن انڪشاف ڪيو آهي ته دنيا جي مختلف جائن تي بيماري بابت جائزو وٺڻ لاءِ بنيادي سهولت به موجود ناهي جڏهن ته انهن معاملن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۾ به دير ٿي ويندي آهي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.