ڪراچي: اڄ سڀ کان وڌيڪ مينهن ڪٿي وَسيو؟

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ڪراچي شهر ۾ اڄ پوندڙ برسات جي حوالي سان انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اڄ شهر ۾ سڀ کان وڌيڪ برسات ڪورنگي ۾ 34.6 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي.

موسميات کاتي موجب قائدآباد ۾ 28.5 ملي ميٽر، سعدي ٽائون ۾ 28 ملي ميٽر، جڏهن ته ڊي ايڇ اي فيز ٽو ۾ 24 ملي ميٽر مينهن وسيو.

اورنگي ٽائون ۽ يونيورسٽي روڊ تي 20 ملي ميٽر، جناح ٽرمينل تي 10.6 ملي ميٽر، اولڊ ايئرپورٽ ۾ 9.2 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.

موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته شهر ۾ سڀ کان گهٽ برسات ناظم آباد ۾ 2.2 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.