رپئي جي بي قدري، ڊالر اوپن مارڪيٽ ۽ انٽر بئنڪ ۾ وڌيڪ مهانگو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ مسلسل واڌ جو سلسلو جاري آهي.

اڱاري ڏينهن ڪاروبار جي شروعات تي آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ واڌ ڏٺي وئي ۽ ڪاروبار جي پڄاڻي تي انٽر بئنڪ ۾ آمريڪي ڊالر 2 رپيا 10 پئسا مهانگو ٿي 231.92 رپين جو ٿي ويو.

گذريل ڏينهن انٽر بئنڪ مٽاسٽا مارڪيٽ ۾ ڪاروبار جي پڄاڻي تي آمريڪي ڊالر جو قدر 229 رپيا 82 پئسا هو.

هوڏانهن اڄ اوپن مارڪيٽ ۾ به ڊالر جي قدر ۾ 2 رپيا واڌ ٿي ۽ هڪ ڊالر 238 رپين جو ٿي ويو.

هلندڙ مهيني انٽر بئنڪ ۾ 13 سيپٽمبر تائين ڊالر جي قدر ۾ 13 رپيا 17 پئسا واڌ ٿي چڪي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.