اينٽي ڪرپشن ڪوڊ جي ڀڃڪڙي، پي سي بي آفريديءَ کي معطل ڪري ڇڏيو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڪي پي ڪي جي ليفٽ آرم اسپنر آصف آفريدي کي اينٽي ڪرپشن ڪوڊ جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي عارضي طور معطل ڪري ڇڏيو آهي.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پنهنجي پڌرائي ۾ چيو آهي ته ڪرڪيٽر آصف آفريدي کي آرٽيڪل چار ڏهائي ست ڏهائي هڪ تحت معطل ڪري نوٽيس آف چارج جاري ڪيو ويو آهي.

هو جاچ مڪمل ٿيڻ تائين ڪرڪيٽ جي ڪنهن به قسم جي سرگرمي ۾ حصو نه وٺي سگهندو، کيس 14 ڏينهن اندر جواب جمع ڪرائڻ جو چيو ويو آهي.

آصف آفريدي کي پي سي بي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي آرٽيڪل ٻه ڏهائي چار جي ٻيهر ڀڃڪڙي تي چارج ڪيو ويو آهي.

هي آرٽيڪل پي سي بي ويجيلنس اينڊ سيڪيورٽي کاتي کي اپروچز جي حوالي سان وقت سر آگاهه نه ڪرڻ ۽ لڪائڻ جي حوالي سان آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.