آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي ڳالهه ڪڏهن ناهي ڪئي: عمران خان

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي ڳالهه ڪڏهن ناهي ڪئي، آرمي چيف جي مقرري نين چونڊن تائين ملتوي ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي.

عمران خان بني گالا ۾ صحافين سان ملاقات ڪئي ۽ چيو ته سيپٽمبر ۾ حڪومت خلاف سڏ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، احتجاج جو سڏ گهڻو پري ناهي هن ئي مهيني ڏيندس.

هن چيو ته مان ڪڏهن ناهي چيو آرمي چيف فلاڻو هجي پر سدائين چيو ته آرمي چيف جي مقرري ميرٽ تي ٿيڻ گهرجي، نئين حڪومت نئين آرمي چيف جو فيصلو ڪري، چيف جسٽس جي مقرري به ميرٽ تي ٿيڻ گهرجي.

سندس موجب اهڙي ڪا به ڳالهه نه ڪئي هئي، جنهن تي آءِ ايس پي آر بيان جاري ڪيو، ٻن خاندانن کي ڪڏهن به آرمي چيف جو نالو سليڪٽ نه ڪرڻ گهرجي.

نواز شريف جي ڏيهه واپسي جي حوالي سان عمران خان چيو ته نواز شريف جڏهن پاڪستان ايندو ته سندس تاريخي آجيان ڪندس.

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته موجوده چيف اليڪشن ڪمشنر پاڪستان جو نه ن ليگ جو آهي، مائنس ون فارمولو لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، انهن کي خبر آهي ته عمران خان جي هوندي ميچ نٿا کٽي سگهون.

پنهنجي گرفتاري بابت هن چيو ته جڏهن منهنجي گرفتاري جون ڳالهيون ڪيون ويون ته مان پنهنجو ٿيلهو تيار ڪري ورتو هو، ٿيلهي ۾ ڪتاب رکيا هئا ته جيئن جيل ۾ مطالعو ڪندو رهان.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته آءِ ايم ايف پاڻ چيو ته هن وقت پاڪستان ۾ ڪمزور ترين حڪومت آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.