وفاقي ڪابينا دوائن جي اگهن ۾ واڌ جي سمري رد ڪري ڇڏي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا دوائن جي اگهن ۾ واڌ جي سمري رد ڪري ڇڏي.

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ دوائن جي اگهن ۾ واڌ جي سمري رد ڪئي وئي.

صحت واري قومي وزارت طرفان سمري ۾ 10 دوائن جي اگهن ۾ واڌ جي تجويز ڏني وئي هئي.

پڌرائيءَ موجب نيشنل هيلٿ سروسز جي 10 دوائن تي ريٽيل پرائس وڌائڻ جي سمري رد ڪئي وئي، وزيراعظم چيو ته مان دوائن جي اگهن ۾ واڌ جي قطعي حمايت نٿو ڪيان.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.