آمريڪي رياست اوريگن ۾ ٻيلن کي باهه سبب 7 رياستون متاثر، لڏپلاڻ

آمريڪي رياست اوريگن جي ٻيلن ۾ لڳل باهه ظابطي مان نڪري وئي، جنهن سبب 86 هزار ايڪڙ کان وڌيڪ ايراضي تي تي ٻيلا سڙي رک ٿي ويا آهن.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن ۾ اوريگن جي ٻيلن ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 86 هزار ايڪڙ کان وڌيڪ ايراضي تي بيٺل ٻيلا تباهه ٿي ويا آهن ۽ هزارين ماڻهو لڏپلاڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.

باهه تي ظابطي لاءِ ٻارنهن سئو فائر فائٽرز باهه وسائڻ واري عمل ۾ رُڌل آهن.

ڪيليفورنيا، ايڊاهو، مونٽانا، اوريگون، يوٽا، واشنگٽن ۽ وائمونگ سميت ست آمريڪي رياستن ۾ 90 کان وڌيڪ هنڌن تي باهه لڳي وئي آهي، جنهن سبب 3 هزار مربع ڪلوميٽر کان وڌيڪ علائقو متاثر ٿيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.