اروشي بعد هڪ ٻي ادڪارا نسيم شاهه جي ديواني، ويڊيو به شيئر ڪري ڇڏيائين

پاڪستاني ڊرامي صنف اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندر سريلنڪن اداڪارا يهالي تاشياڪالي داسا پڻ پاڪستاني فاسٽ بالر نسيم جي ساراهه ڪرڻ بنا نه رهي سگهي.

ايشيا ڪپ ۾ غيرمعمولي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ نسيم شاهه جا پاڪستان ۾ ته هزارين مداح هئا ئي، پر هاڻ ٻين ملڪن مان پڻ فينز سامهون اچي رهيا آهن جن مان ڪجهه مداحن جو واسطو شوبز انڊسٽري سان آهي.

يهالي تاشيا پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي ميچ جون ڪجهه جهلڪيون شيئر ڪيون آهن جن ۾ نسيم شاهه موجود آهي، اداڪارا ويڊيو تي ڪجهه ناهي لکيو ته ها پر هن پسنديدگي جو اظهار ايموجيز ذريعي ڪيو آهي.

اداڪارا طرفان شيئر ڪيل ويڊيو اسٽوري جو وقت پورو ٿيڻ سبب اها هن وقت سندس اڪائونٽ تي ناهي پر اها سوشل ميڊيا پيجز تي ضرور وائرل ٿي رهي آهي.

واضح رهي اداڪارا اروشي روٽيلا پڻ انسٽاگرام تي نسيم جي ايڊٽ ڪيل ويڊيو شيئر ڪئي هئي جيڪا تمام گهڻي وائرل ٿي هئي، بعد ۾ اروشي کي پڻ وضاحت ڏيڻي پئي هئي ته ويڊيو سندس ٽيم لڳائي هئي ۽ ان ۾ ڪجهه خاص نه هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.