برطانوي راڻي جي نالي تي عمرو ڪندڙ همراهه سوگهو

برطانيا جي مرحومه راڻي اليزبيٿ لاءِ عمرو ادا ڪندڙ يمني شخص کي سعودي حڪومت طرفان گرفتار ڪيو ويو آهي.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب سعودي اختيارين طرفان گرفتار ڪيل يمني همراهه جي دعويٰ آهي ته هو برطانوي راڻي جي روح کي سڪون پهچائڻ لاءِ عمرو ادا ڪرڻ مسجد الحرام ويو هو، ڄاڻايل شخص طرفان سوشل ميڊيا تي هڪ ويڊيو پڻ پوسٽ ڪئي وئي آهي.

ويڊيو ۾ هو بينر کنيو مڪي شريف ۾ موجود هو جنهن تي لکيل هو ته  مان برطانوي راڻي اليزبيٿ ٻئين جي لاءِ عمرو ادا ڪيو، ڌڻي در دعاڳو آهيان ته هو راڻي کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ راڻي جو ڳاڻيٽو نيڪ ٻانهن ۾ ڪري.

سوشل ميڊيا تي وائرل ويڊيو تي ماڻهن طرفان سخت تنقيد ڪندي سندس فوري گرفتاري جو مطالبو ڪيو .

 

جنهن بعد سعودي اختيارين طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو ته ان همراهه کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ سندس خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

ياد رهي ته برطانوي راڻي اليزبيٿ اٺ سپٽمبر تي لاڏاڻو ڪري وئي هئي، سندس آخري رسمون ويسٽ منسٽر ايبي ۾ اڻويهين سپٽمبر تي ادا ڪيون وينديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.