ملڪ ۾ سون وڌيڪ مهانگو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي، اڄ پڻ سون جي قيمت ۾ پنج رُپيا واڌ ٿي آهي.

سنڌ صرافا جيولرز ايسوسيئيشن موجب پنج سئو رُپيا واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت هڪ لک ڇاونجهاهه هزار پنج سئو رُپيا ٿي وئي آهي.

اهڙي ريت 10 گرام سون429 رُپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک  34 هزار 174 رپين جو ٿي ويو آهي.

هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو  مُلهه 2 ڊالر واڌ سان هڪ هزار ست سئو ٽيهه ڊالر في اونس تي وڃي پهتو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.