آرمي چيف نومبر يا مئي 2023ع ۾ رٽائر ٿيندو؟

لاهور ( ويب ڊيسڪ )  ملڪ جو موجوده آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ڪيڏانهن نه پيو وڃي ڇو ته ان جي  ملازمت جو مدو قانون موجب مئي 2023ع ۾ ختم ٿيندو، ان ڪري جيڪي صحافي يا سياستدان اهو بحث ڪري رهيا آهن ته نومبر ۾ آرمي چيف رٽائر ٿيندو ۽ نئون ايندو، اهي دوست وساري ويٺا  آهن ته جنرل قمر جاويد باجوه کي ٻن فورمن تان ملازمت مدي ۾ واڌ ملي چڪي آهي.

نامياري صحافي عمران شفقت جو چوڻ آهي ته جڏهن  جنرل قمر جاويد باجوه  رٽائر ٿيو ته کيس مدي ۾ واڌ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو پر معاملو عدالت پهچي ويو، جتي عدالت آرمي ايڪٽ جي ڪاپي گهري ورتي اها ڪاپي ملي نه رهي هئي آخرڪار هڪ شخصيت آرمي ايڪٽ جي ڪاپي عدالت  کي ڏئي ڇڏي.

  پوءِ ان ڪاپي ڏيندڙ شخصيت سان ڇا ٿيو  اها الڳ ڪهاڻي آهي پر  عدالت حڪم ڏنو ته في الحال آرمي چيف  کي 6 مهينا ملازمت مدي ۾ واڌ ڏني وڃي ٿي باقي حڪومت  جيترو مدو وڌائڻ چاهي ٿي اها پارليامينٽ ۾ وڃي  آرمي ايڪٽ ۾ ترميم ڪري پوءِ  نوٽيفڪيشن جاري ڪن، جنهن کانپوءِ پي ٽي آءِ حڪومت قانون سازي ڪري آرمي  چيف کي ملازمت مدي ۾ 3  سال واڌ ڏني ان جو مطلب ته آرمي چيف کي ساڍا 3 سال ملازمت مدي ۾ واڌ ملي چڪي آهي، ان ڪري هو هاڻي مئي 2023ع ۾ ئي رٽائر ٿيندو ۽  عمر جي حساب سان هڪ سال وڌيڪ واڌ وٺڻ جي اهل به هوندو، ان ڪري اڳ ڪٿيون ڪندڙ صحافي ۽ سياستدان ٿورو قانوني پهلوءَ تي به نظر وجهن.

نوٽ: هي تبصرو روزاني عوامي آواز اڱارو 2022-09-13 تي شائع ٿيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.