ٺٽي ۾ برسات جو تيز وسڪارو، ھيٺانھين وارا علائقا پاڻي ھيٺ اچي ويا

ٺٽو( ڊ ر ) ٺٽي ۾ برسات جو تيز وسڪارو، ھيٺانھين وارا علائقا پاڻي ھيٺ اچي ويا، کلي آسمان ھيٺ ويٺل متاثرين جي اھنجن ۾ اضافو، انتظاميا ڪو به تحرڪ نه ورتو. ٺٽي ضلعي جي ننڍن توڙي وڏن شھرن ٺٽو، مڪلي، درگاھ ستيون، جھمپير، جنگشاھي، گجو، گھارو سان گڏ سامونڊي توڙي ڪوھستاني پٽي ۾ ڪٿي ھلڪي ته ڪٿي تيز برسات جو وسڪارو جاري آھي. جڏھن ته برسات جي وسڪاري سنڌو درياءُ جي بچاءُ بندن سميت مختلف ھنڌن تي کلي آسمان ھيٺ بي يارو مددگار ويٺل برسات ۽ ٻوڏ متاثرين جي اھنجن ۽ تڪليفن ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏيو آھي، جيڪي پھرين سخت گرمي ۽ ھاڻي کنوڻ توڙي گجگوڙ سان وسندڙ تيز طوفاني برساتن سبب سخت پريشانين کي منھن ڏيڻ تي مجبور بڻيل آھن پر ضلعي انتظاميا سميت چونڊيل نمائيندن سندن ڪا به سھائتا ناھي ڪئي، مڪلي ترڪش ڪالوني، مڪلي درگاھ شاھمراد شيرازي روڊ تي ويٺل ٻوڏ متاثرين سخت پريشان آھن، جن کي ڪيترائي ڏينھن گذرڻ باوجود تنبو، راشن، مڇردانين سميت علاج معالج جي ڪا به سھوليت ملي نه سگھي آھي، سندن ٻچا به بک ۽ بدحالي جو شڪار بڻيل آھن، پر انھن ٻوڏ متاثرين تي ڪنھن کي به ڪھل نٿي اچي، بيوس بڻيل سمورن ٻوڏ متاثرين سنڌ حڪومت، ضلعي انتظاميا ٺٽو کان مطالبو ڪيو آھي ته کين تنبو، راشن، مڇردانين سان گڏ علاج جون سھولتون مھيا ڪري کين ھن برسات ۾ پريشاني کان بچايو وڃي، ھوڏانھن برسات بعد ٺٽي شھر جي شاھي بازار ۽ ڪچيون آباديون ٻيھر برساتي پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويون آھن، جنھن ڪري گندگي ۾ اضافي سبب مڇرن جو آزار پڻ وڌي ويو آھي، پر شھرن مان صفائي نہ سگھي آھي، جنھن ڪري شھري سخت پريشان آھن، جن فورن برساتي گندو پاڻي نيڪال ڪرائي پريشاني کان بچائڻ جي گھر ڪئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.