پني عاقل جو اسڪول سال کان بند، ڳوٺاڻن چوپايو مال ٻڌي ڇڏيو، تعليم متاثر

پنوعاقل ( رپورٽ : رستم انڍڙ ) پنوعاقل جي ڳوٺ چاڪر ماڪو جو گورنمنٽ پرائمري اسڪول گذريل هڪ سال بند پيل آهي، ڳوٺ جا معصوم  ٻارڙا تعليم حاصل ڪرڻ کان محروم، اسڪول ۾ پيل فرنيچر به خراب ٿي ويو  ۽ڳوٺاڻن پاران  اسڪول بند هجڻ ڪري اسڪول ۾ چوپايو مال ٻڌي ڇڏيون ڳوٺ جي رهواسين عزيز الله ڀٽي، ببلو ڀٽي، واجد شاهه، مير محمد جتوئي، ممتاز شيخ، مائي راڻي شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڳوٺاڻن ۽ معصوم ٻارڙن احتجاج ڪندي چيو ته اسان جي ڳوٺ چاڪر خان جو گورنمنٽ پرائمري اسڪول گذريل هڪ سال کان بند پيل آهي،اسڪول ۾ ڪو به استاد نه ٿو اچي اسان جا معصوم ٻارڙا تعليم حاصل ڪرڻ کان محروم ٿي ويا آهن، اسڪول جي عمارت جي حالت به انتهائي خراب ٿي وئي آهي ۽ اسڪول جو فرنيچر به ڀڄي پيو آهي، اسڪول بند هجڻ ڪري اسان جي ڳوٺ جا معصوم ٻارڙا سمورو ڏينهن فارغ گهمي رهيا آهن ۽ تعليم جي زيور کان محروم بڻيل آهن ، اسان جي معصوم ٻارڙن جو مستقبل داءُ تي لڳي ويو آهي، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، وڏو وزير ۽ تعليم وارو صوبائي وزير نوٽيس وٺي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.