ٽنڊو محمد خان جي اسپتال ۾ نينگري فوت،ڊاڪٽر تي غفلت جو الزام

ٽنڊو محمد خان ( رپورٽ حيدر شورو  ) ٽنڊو محمد خان جي سرڪاري اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي لاپرواهي جي ڪري 12 سالا نينگري عظمى ملاح مليريا بخار سبب فوت ، وارثن جو احتجاج ، ٽنڊو محمد خان جي سرڪاري اسپتال ۾ مليريا بخار جي مرض سبب داخل ڪيل 12 سالا نينگري عظمى ڌيءُ جاويد ملاح گهڻو بخار اچڻ کانپوءِ اسپتال جي اندر ڊاڪٽرن جي او پي ڊي جي ڪيل بائيڪاٽ ۽ توجھ نه ڏيڻ تي اسپتال ۾ فوت ٿي ويئي ، فوت ٿيڻ واري واقعي تي سندس وارثن اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي خلاف احتجاج ڪندي چيو ته سول اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ايم ايس تي ڪيس داخل ٿيڻ تي او پي ڊي بند ڪري اسپتال ۾ مريضن جو علاج ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي جنهن جي ڪري نينگري علاج نه ٿيڻ سبب فوت ٿي آهي ، جنهن تي سول اسپتال جي ڊاڪٽرن خلاف فوري طور ڪاروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکنداسين ، فوت ٿي ويل نينگري جي وارثن لاش کي اسپتال مان پنهنجي گهر کڻائي ويا جنهن بعد سندس تدفين ڪئي ويئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.