سيٺارجا ويجهو ڪٽ هڻڻ جي ڪوشش، مزاحمت، ڳوٺاڻا لٺيون کڻي پهتا

سيٺارجا (ن ع آ)  ڪمشنر سکر جو ٽالپرن وارو گهر بچائڻ لاء اي سي ميرواه پاران ڳوٺ سنجر خان لنڊ وٽان بوزداروڏا, ٽالپر, ڪنب سميت ٻين علائقن جو پاڻي ڪٽ هڻائي سيٺارجا ,ڏيپارجا, محرابپور, محسن شاه سميت سوين ڳوٺن کي ٻوڙائڻ لاء ڪرين ڪاهي پهچي ويو اطلاع تي ڀرپاسي جي ڳوٺن جا ماڻهون لٺيون , باٺا کڻي پهچي ويا انتظاميه ڪٽ هڻڻ ۾ ناڪام ٿي وئي ان موقعي تي موجود ماڻهن ٻڌايو ته اي سي ميرواه عبدالباسط هڪڙو هتي پهچي ڳوٺاڻن کي ٻڌايو ته ڪمشنر سکر غلام مصطفا ڦل جوٽالپرن وارو گهر ۽ علائقو پاڻي هيٺ آهي جنهن کي بچائڻ لاء مونکي حڪم مليو آهي ته اهيو سيلابي پاڻي سيٺارجا طرف ڇڏي روهڙي ڪئنال ۾ وڌو وڃي ٻئي طرف علائقي واسين محمد صادق لنڊ, دودو خان لنڊ, اعجاز ڄامڙو, ممتاز سهتو, ظهور جاگيراڻي ۽ ٻين ٻڌايو ته ايڏو وڏو پاڻي تقريبن کي 100 ڪلوميٽر تائين ڦهليل پاڻي سيٺارجا طرف ڇوڙ ڪيو ويو ته سمورو شهر , مين ريلوي ٽريڪ ,گدام ۽ ڏيپارجا ,محسن شاه سميت سوين ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويندا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.