صالح پٽ لڳ برسات متاثرن کي رليف نه مليو، فصل تباهه، احتجاج

صالح پٽ ( ن ع آ ) صالح پٽ جي ريگستاني علائقي ڳوٺ نبن ڀنڀرو ديھه باهڻ واري جي رهواسين نبن ڀنڀرو. محمد سچل ڀنڀرو، محمد بچل ڀنڀرو، محمد بخش ڀنڀرو ، محمد عرس ڀنڀرو ۽ ٻين معصوم  ٻارڙن سميت اي سي صالح پٽ ۽ مختيارڪار صالح پٽ جي خلاف احتجاج ڪندي ميڊيا آڏو دانهيو آھي ته برسات کي تقريبن  ٻه هفتا گذري چڪا آھن، ليڪن اسان جي سار لهڻ ڪوبه ناهي آيو،  اسان جا فصل تباهه ٿي ويا گهر ڊھي پٽ ٿي ويا ڪوبه رليف نه مليو، هينئر ته اسان دربدري واري زندگي گذاري رهيا آھيون، ائين کڻي چئجي ته به غلط ناهي ته اسان پنهنجي ئي گهرن ۾ قيد واري زندگي گذاري رهيا آھيون، ڇاڪاڻ جو گهرن کان ٻاهر وڃڻ لاءِ ڪابه واھ ناهي رهي سڀ رستا بند ٿي ويا آھن صالح پٽ شھر ڏانهن ويندڙ هر رستي کي ڪٽ لڳل آھن قرض کڻي فصل مٿان خرچ ڪيو آھي سو ڪيئن ادا ڪريون، چيف جسٽس ۽ ٻيون اختياريون نوٽيس وٺي رستا بحال ڪرائي مالي سهائتا ڪن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.