ڄامشورو ۾ ٻوڏ متاثرن پاران واهر نه ٿيڻ خلاف ريلي، انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو

ڄامشورو( ڊ ر ) ڄامشوري ۾ ٻوڏ متاثرن واھر نه ٿيڻ خلاف ريلي ڪڍي ٿرمل پاور هائوس ڀرسان انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو. ڳوٺ بيگوخان ميرجت جي رهواسي ٻوڏ متاثر واھر نه ٿيڻ خلاف گورنر جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ کان ريلي ڪڍي ٿرمل پاور هائوس ڀرسان پهچي ڄامشورو_سيوهڻ روڊ تي ڌرڻو هڻي ويهي, ان موقعي تي مظاهرين جو چوڻ هو ته اسان جو سڄو ڳوٺ ٻڏي ويو آهي، پاڻي بيهجڻ ڪري اسان جا ڪچا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن، مڇرن ۽ جيتن ۾ واڌ سبب مختلف بيمارين ڪر کنيو آهي، پاڻي بيهجڻ ڪري روزگار ٺپ ٿي ويو آهي، جنهنڪري فاقا ڪاٽڻ تي مجبور آهيون. هنن چيو ته ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو ڪئپٽن رٽائرڊ فريدالدين مصطفي’ رڳو فوٽو سيشن ۾ مصروف آهي، ٻوڏ متاثرن جي ڪابه واھر ناهي ٿي، سمورو راشن ۽ خيما ايم پي اي ملڪ اسد سڪندر جي خاص ماڻهو ارباب سمون حوالي ڪيا ٿا وڃن، جيڪو اصل حقدارن بدران سياسي بنيادن تي راشن ۽ تنبو ورهائي رهيو آهي، سرڪاري سامان سياسي ماڻهو ارباب سمون حوالي ڪرڻ جو نوٽيس وٺي واھر ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. هڪ ڪلاڪ لڳل ڌرڻي سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، موٽر وي ۽ ڄامشورو پوليس جي عملدارن انصاف جي خاطري ڪرائي روڊ کولرائي ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.