سنڌڙي ڀرسان فوتيءَ جو مڙهه 2 ڪلوميٽر پاڻي مان جهاڳي قبرستان منتقل

سنڌڙي (ن ع آ)سنڌڙي ڀرسان ڳوٺ ڏاتو شر ۾ وڄ ڪرڻ سبب فوت ٿي ويل دلدار شر جو مڙهه وارثن 2 ڪلو ميٽر پاڻي مان جهاڳي ڳوٺ کان 20 ڪلوميٽر پري تاريخي قبرستان چٽوڙي شريف ۾ دفنائي ڇڏيو جڏهن ته فوتي نوجوان جو تڏو به سندس ڳوٺ ۾ 3کان 4 فوٽ پاڻي هئڻ ڪري ڀرواري ڳوٺ  ڪامريڊ محمد بخش شر جي اوطاق تي ڪيو.  واضح رهي ته برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري  سنڌڙي تعلقي جا سوين ڳوٺ اڃا تائين پاڻيءَ هيٺ آهن انهن ڳوٺن جا رهواسي پنهنجا گهر ڇڏي بندن ۽ واهن جي ڪپرن  تي ويٺل آهن، سندن گهرن ۾ اڃا تائين 3کان 4 فوٽ پاڻي بيٺل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.