دڙي بٺوري ڀرسان برسات، وڄ ڪرڻ سبب 2 ڄڻا زخمي

ميرپوربٺورو/دڙو (نمائندن وٽان) ميرپوربٺورو ڀرسان ڳوٺ دريا خان سوھو ۾ وڄ ڪرڻ سبب 60 سالن جو هاري عمر ڀٽي سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي فوري طور تي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي کيس طبي امداد فراهم ڪئي وئي.ٻئي طرف دڙي ۽ ڀرپاسي زوردار وسڪاري سبب روڊ رستن تي پاڻي بيهي ويو جڏهن ته ايم ايس بچاءُ بند ڪوٽ عالمو ۽ سورجاڻي بند تي ويٺل ٻوڏ متاثرن جا اهنج ٻيڻا ٿي ويا آهن. هوڏانهن ڳوٺ مولوي احمد گگو ۾ جمن خاصخيلي جي گھر تي وڄ ڪرڻ سبب هڪ نينگري زخمي ٿي پئي جڏهن ته ڳئون ۽ گابو مري ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.