اوٻاوڙو لڳ ملڪيت تان تڪرار، فائرنگ، هڪ قتل، ٻه زخمي، 2 جوابدار گرفتار

اوٻاوڙو  ( رپورٽ : عبدالحئي ڇڄڻ ) اوٻاوڙو ڀرسان لانگهو ۾ مرحوم ڄام منير احمد ڏهر جي پوٽي ڄام ڀنڀو خان جي فوت ٿيڻ بعد ڏھر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جائيداد جي معاملي تان جهيڙو فائرنگ گوليون لڳڻ سبب بنگلي جي پراڻي ملازم منير سپيو جو ويجھو مائٽ علي حسن سپيو موقعي تي مارجي ويو ٻه ڄڻا  مغل سپيو، خالد حسين ملڪ سخت زخمي ٿي پيا، سخت فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف حراس پکڙجي ويو مقتول جو لاش ۽ زخمين کي وارثن کڻائي تعلقي اسپتال اوٻاوڙو پھچايو جتي فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ علاج لاءِ رحيم يار خان جي اسپتال شيخ زيد منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته اهڙي اطلاع ملڻ تي اوٻاوڙو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي،  جڏهن جهيڙي جو ڪارڻ مرحوم ڄام منير احمد ڏهر جي جائيداد جي مالڪي  تان ٿيو آهي، ان موقعي تي زخمين جي وارث عبدالمجيد سپيو ۽ ٻين الزام هڻندي چيو ته اوٻاوڙو جي بااثر وڏيري گوگي خان ڏهر ۽ ڄام عقيل احمد ڏهر حملو ڪرائي  اسان جو هڪ نوجوان کي قتل ڪرائي ڇڏيو آهي ۽ ٻه زخمي ڪرائي ڇڏيا آهن ھوڏانھن ڏھر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙي ۾ قتل ٿيل ۽ زخمي ٿيل سپيا برادري جي ماڻھن جي عيادت لاءِ پ پ جو سينيٽر ڄام مھتاب حسين ڏھر، ڄام حسن خان ڏھر، ياور خان ڏھر سان گڏ تعلقه اسپتال پھتو  ھوڏانھن ڊي ايس پي اوٻاوڙو عبدالمالڪ ڀٽو ٻڌايو ته واقعي واري ھنڌ پوليس جي وڏي نفري پھچي جھيڙي تي ضابطو آندو آھي ۽ قتل جي الزام ھيٺ آيل ڄام عقيل خان ڏھر ۽ ثبور خان ڏھر  کي گرفتار ڪري ورتو آھي جنھن بعد مقتول جي وارثن جو لاش رکي  احتجاجي مظاھرو جي ٽي روڊ بند ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.