جهڏو واسين پراڻ ڍوري کي لڳل گهارو ٻڌي ڇڏيو

جهڏو (ن ع آ) جهڏو ۾پراڻ ڍورو کي 316 بند وٽان لڳل گهارو 15 ڏينهن جي محنت بعد شهرين ۽ ڳوٺاڻن گڏجي پنهنجي مدد پاڻ تحت ٻڌي ڇڏيو. واضح رهي ته گهارو ٻڌڻ لاءِ ايل بي او ڊي انتظاميا شهرين جي نالي ماتر مدد ڪئي ۽ فقط سامان مهيا ڪيو ويو جڏهن ته گهارو شهرين پنهنجي مدد پاڻ تحت بند ڪيو. ڄاڻايل گهاري سبب شهر جون اوڀر واريون ڪالونيون عاشق ڪالوني، هاشم ڪالوني،کوسا پاڙو ،ڪڇي ڪالوني سميت 20 کان مٿي ڪالونيون ۽ يونين ڪائونسل روشن آباد ۽ بانکر جي سوين ڳوٺن ۾ اڃا تائين 4 کان 6 فٽ پاڻي بيٺل آهي جڏهن ته انتظاميا پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ اڃا تائين ڪي به قدم نه کنيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.