عمران خان اقتدار جو بکيو، جلسا ڇڏي متاثرن جي مدد ڪري: اعجاز جکراڻي

سکر ( رپورٽر ) پ پ اڳواڻ جيل خانه جات سنڌ جي  مشير اعجاز جکراڻي چيو آھي ته عمران خان اقتدار جو بکيو آھي ڪرسي لاءِ عوام جي تڪليفن کي به وساري ڇڏيو آھي اهڙو اظهار هن سکر جي احتساب عدالت ۾ پيشي بعد عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو اعجاز جکراڻي جو وڌيڪ چوڻ هو ته عمران خان سکر اچي سيلاب متاثرين سان جهڙي ريت مليو اهو سڀ جي سامهون آھي، کيس متاثرين جو ڪوبه احساس ناهي جلسا ڪرڻ بجاءِ ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪري ها پر کيس صرف ڪرسي کپي، مشير جيل خانه جات وڌيڪ چيو ته جيتري تباهي سنڌ ۾ برسات سبب ٿي آھي جيڪڏهن اهڙي برسات آمريڪا يا يورپي ملڪن ۾ پوي ها ته اهي به ان جو مقابلو نه ڪري سگهن ها، سنڌ حڪومت موجوده وسيلن مطابق رليف ڏيڻ وارو ڪم جاري رکيو آھي،متاثرين جي وس آھر مدد ٿي رهي آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.