ڏوڪري اسپتال ۾ علاج نه ٿيڻ تي ڇڪتاڻ، متاثرن تي ڪيس، احتجاج

ڏوڪري ( ن ع آ ) ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ غلام قادر انڙ جو رهواسي سڄڻ چانڊيو جي 10 سالن جي نياڻي ڪومل گيسٽرو جي بيماري سبب تعلقي اسپتال ڏوڪري ۾ مبينا  علاج نه ٿيڻ سبب وارثن ۽ ڊاڪٽرن ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي ، وارثن پاڪ ڪتاب کڻي اسپتال عملي خلاف ڏوڪري ٿاڻي تي احتجاج ڪيو ،پوليس اسپتال جي ڊاڪٽرن جي وانگار وهندي اسپتال جي ڊاڪٽرن پاران الٽو متاثر ڌر نينگري جي پيءُ سڄڻ چانڊيو ۽ 8 نامعلوم ماڻهن خلاف ڏوڪري ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو. هوڏانهن نينگري جي وارثن پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان جي نياڻي جو ن علاج ٿيو الٽو اسان جي خلاف ڊاڪٽرن ٿاڻي تي اسان خلاف ڪيس داخل ڪرايو آهي. جڏهن ته اسان جي نياڻي گيسٽرو جي بيماري سبب تڙپي رهي هئي هئي به اسان خلاف پوليس ڊاڪٽرن جي چوڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي،  هوڏانهن ڏوڪري اسپتال جي ايڊمنسٽريٽر روشن علي پنهور ۽ اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر ظفر الله موريو ميڊيا کي ٻڌايو ته چانڊيا برادري جو سڄڻ چانڊيو ۽ ٻين نياڻي جي علاج لاءِ پهتا اسين علاج واسطي کيس ڊرپ هنيو سين نياڻي جو علاج شروع ڪيوسين هنن عملي سان بدتميزي ڪئي، هوڏانهن ميڊيا پاران ڏوڪري پوليس سان رابطو ڪيو ويو ته انهن ٻڌايو ته اسپتال عملي ۽ چانڊيا برادري وچ۾ نياڻي جي علاج تان ڪيشدگي وڌي وئي هئي اسين ضلعي انتظاميا جي حڪم تحت چانڊيا برادري جي نون ماڻهن تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.