اڏيرو لال ۾گيسٽرو جا هاڃا جاري، هفتي اندر 4 ڄڻا فوت

اڏيرولال(رپورٽ: سڪندر ساهووال )  اڏيرولال اسٽيشن لڳ يوسي حسين هنڱورو جي ڳوٺ طاهر هنڱورو ۾ پنجن سالن جي راڌا ڌي نارو ڀيل گيسٽرو سبب تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي آهي. فوت ٿي ويل راڌا ڀيل جي والد نارو ڀيل ميڊيا اڳيان دانهيو آهي ته برسات سبب سندن زندگي ۾ طوفان اچي ويو آهي، هڪ طرف برسات سبب سڀ ڪجهه تباهه ٿي ويو آهي، گهر ڊهي پيا آهن، جانور مري ويا آهن، فصل سڙي ويا آهن ۽ اسان وٽ هڪ رپيو به نه هو جو نياڻي کي ڪنهن سٺي اسپتال ۾ کڻائي وڃون ها. هن اهو به ٻڌايو ته برسات سبب اسان سخت متاثر ٿيا آهيون، پر ڊي سي مٽياري توڙي ضلعي مٽياري جي چونڊيل نمائندن پاران اسان کي هڪ لوڻ جي ٿيلهي به امداد طور نه ملي آهي، هن چيو ته هڪ وقت ڀت جي پليٽ ملي ٿي مڙئي وقت گذاري رهيا آهيون. هن وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته سندن واهر ڪري خيما، مڇر دانيون مهيا ڪيون وڃن ته جيئن باقي معصوم ٻارن جي زندگي کي بچائي سگهون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.