فيض گنج پوليس کي مبينا باندي بڻايل عورت کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم

خيرپور (  س  ر) خيرپور جي عدالت بااثرن وٽ مبينيٰ باندي بڻائيل عورت کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو، فيض گنج ٿاڻي جي ٿاڻيدار کي ليٽر جاري. تفصيل مطابق خيرپور جي فورٿ ايڊيشنل سيشن جج مس ثمينه منگي جي عدالت تعلقو فيض گنج جي ڳوٺ حسين پاتو جي رهواسي محمد حنيف راڄپر جي طرفان داخل ڪرائيل درخواست کي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏيندي فيض گنج ٿاڻي جي ٿاڻيدار کي ليٽر جاري ڪندي حڪم ڏنو آهي ته تعلقو فيض گنج جي ڳوٺ حسين پاتو جي رهواسي بااثر راڄپر برادري جي محمد فيضل، تحرير حسين، ڪاشف ۽ روشن راڄپر  وٽ مبينيٰ باندي بڻائيل مسمات عفيه ڌيءَ زاهد حسين زال محمد حنيف راڄپر کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.