پ پ ايم پي اي پيار علي شاهه خلاف ڳوٺاڻن جي ريلي ، ڌرڻو

راڻيپور(ن ع آ) برسات جي متاثرين وارڊ ون جي رهواسين سولنگي برادري مٿان ايم پي اي پير سيد پيار علي شاهه پاران ڪيس داخل ڪرائڻ خلاف سولنگي برادري جي ماڻهن شاهي بازار کان ريلي ڪڍي جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي قومي شاهراهه تي پهتي جتي احتجاجي مظاهرو ڪيو ريلي جي اڳواڻي ڊاڪٽر ذاڪر سولنگي شاهه نواز سولنگي غلام قمبر سولنگي عبد علي سولنگي ڪري رهيا هيا ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايم پي اي پيار علي شاہ اسان مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آهي اسان جا ڳوٺ ٻڏي ويا پاڻي گهرن ۾ بيٺو آهي ڪوبه گهر نه بچيو آهي سڀ گهر ڊهي پٽ ٿي ويا آهن ڪوبه ٻڌڻ وارو نه آھي اسان ايم پي اي پيار علي شاهه جي بنگلي تي مدد گهرڻ لاء ويا سون ته اسان جي مدد ڪيو مدد ته نه ڪئي پر اسان مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو اسان قانون جي اعلي ادارن کان گهر ڪيون ٿا ته صاف شفاف انڪوائري ڪري انصاف ڪيو وڃي ڪوڙو ڪيس ختم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.