سگا پاران 10 ڏينهن ۾18 هزار متاثرن جو علاج ۽ امداد فراهم ڪئي وئي

ڪراچي ( پ ر ) سگا مرڪز ۽ شاخن جي مدد سان 17820 ٻوڏ متاثر مريضن جي مختلف بيمارين جون ڪئمپون لڳائي علاج ڪيو ويو آهي. جنهن ۾چمڙي جي بيمارين ۽ ٻين مرضن جو مفت علاج ڪيو ويو ۽ کين  مفت دوائون پڻ ڏينون ويون. مختلف شهرن ۽ ڳوٺن جي ڪئمپن ۽ گهرن ۾ موجود 11 هزار  569 ٻوڏ متاثرن کي 14 هزار 585 پيڪيٽ پڪل کاڌو ۽2259 خاندانن ۾کاڌي پيتي جو سامان ،  50 خيما ، 1405 ترپالون ۽ 1170 مڇر دانيون ورهايون ويون . هنن خدمتن ، امداد ۽ سهائتا ۾ سگا جي 40 شاخن ، سگا گهوٽڪي شاخ ، سگا سچل ڳوٺ شاخ ، سگا شاهپور چاڪر شاخ. سگا گمبٽ شاخ. سگا ڪلوئي شاخ سگا ڪراچي شاخ ، سگا ملير شاخ.سگا دادو شاخ، سگا قاسم آباد شاخ،. سگا سيتا روڊ شاخ ، سگا سيوهڻ شاخ، سگا مورو شاخ ، سگا شهداد ڪوٽ شاخ، سگا ميرپورخاص شاخ، سگا پنوعاقل شاخ، سگا ڦلجي اسٽيشن شاخ، سگا گلشن حديد شاخ، سگا هنڱورجا شاخ، سگا سيتا روڊ شاخ، سگا ڪاڇو شاخ، سگا نوشهرو فيروز شاخ، سگا کپرو شاخ، سگا ملير شاخ، سگا سيٺارجا شاخ، سگا ڪلوئي شاخ ۽ سگا سخي عبدالله شاهاڻي شاخن طرفان ٻوڏ متاثرن جي امداد، علاج ۽ گهربل سهائتا ڪئي وئي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.