محرابپور لڳ برسات بعد متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل

محرابپور ( ن ع آ ) تعلقي محرابپور جي يوسي صالح سھتو جو ڳوٺ نور محمد عامر  تازين برساتن کان پوءِ  تباھي جو ڏيک ڏئي رھيو آھي، برساتي پاڻي ۽ ضلعي خيرپور جو پاڻي ڇوڙ ٿيڻ سبب ڳوٺ کي چارون طرف برساتي پاڻي وڪوڙي ويو آھي، جنھن سبب ڳوٺ جو نقشو تبديل ٿي ويو آھي ڳوٺاڻا بي يارو مددگار کلي آسمان ھيٺ شاخن ۽ رستن جي ڪپرن تي ويٺل آھن، ڳوٺ نورمحمد عامر جا نوجوان رھواسي ڳوٺ لاءِ مثال بڻيل آھن نوجوان پنھنجي مدد پاڻ تحت رليف ڪئمپون قائم ڪري ڳوٺ ۾ ڦھليل  وبائي بيمارين  کي منھ ڏئي  رھيا آھن سماجي شخصيت ظفر علي عامر استاد تقي عامر ٻڌايو ته اسان جو ڳوٺ برساتي پاڻي سبب تباھ حال آھي اسان ڳوٺ جي نوجوانن افت واري صورتحال ۾ به ريلف ڪئمپون قائم ڪري صحت تعليم۽ امداي پئڪيج پنھنجي مدد پاڻ تحت ڏئي ڳوٺاڻن کي حوصلو ڏنو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.