چمبڙ ۾ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف سنڌ هاري ڪميٽي پاران ريلي

چمبڙ (رپورٽ :پرڪاش ڪمار  ) چمبڙ سنڌ هاري ڪاميٽي پاران برسات متاثرن جي واھر نہ ٿيڻ ہ قدرتي لنگھ بحال نہ ٿيڻ خلاف چمبڙ جي سنڌو چوڪ کان اي سي آفيس تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويو هاري ڪميٽي ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻن ڪامريڊ ارباب رستماڻي ڪامريڊ گلاب ڀيل ڪامريڊ مبارڪ رستماڻي ذوالفقار هادي بخش ثنائي محبوب لنڊ ۽ ٻين سوين مزدور پورھيتن احتجاج ڪندي دانھيندي چيو ته ڊي سي ٽنڊوالهيار ۽ اي سي چمبڙ ٻوڏ متاثرن جي امدادي مدد ڪرڻ بجاء تڪ جي جاگيردارن جون ونگارون وھڻ ۾ مصروف آھن ماڻھن کي برساتي پاڻي ڪون ٻوڙيو آبپاشي جي ڪرپٽ راشي ڪامورن ۽ ڊي سي وڏيرن جاگيردارن جا ڪيلا باغ مڇين جا فارم بچائي سوين ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا ھزارين ماڻھن پنھنجون جانيون بچائي ٻچا وٺي روڊن مٿان پنھگير بڻجي چڪا آھن ڪيترائي ڏينھن گذري چڪا آھن ڪنھن به متاثر مظلوم مسڪين ماڻھو جي واھر نه ٿي پاڻي ۾ ڦاٿل ماڻھو بي موت مرڻ لڳا آھن ھنن چيو ته ھٿرادو ٻوڏ ۾ ڦاٿل متاثر مريضن لاء نه ڪٿي ميڊيڪل ڪئيمپ قائم ڪيا ويا ۽ نه ئي اصل حقدارن کي ڪا رليف ملي سگھي آھي ھٿرادو ٻوڏ متاثر ڳوٺاڻن کي سر ڍڪڻ لاء ٽئينٽ راشن ۽ ميڊيسن رليف ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.